نوابشاهه: سرڪاري اگهه تي اٽي جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪمشنر آفيس ۾ اجلاس

ڊويزنل ڪمنشر شهيد بينظير آباد جي صدارت هيٺ عوام کي مقرر ڪيل سرڪاري اگهه تي اٽي جي فراهمي کي يقينين بڻائڻ  لاءِ ڪمشنر آفيس ۾ اجلاس ٿي گذريو.

اجلاس ۾ ڊي سي شهيد بينظير آباد عامر حسين پنهور، ڊي سي نوشهروفيروز تاشفين عالم، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر سانگھڙ سيد پريل شاهه، ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن مير نادر علي ابڙو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي خطاب ڪندي ڪمشنر شھيد بينظير آباد ڊويزن سيد محسن علي شاھ چيو ته  عوام لاءِ ڪڻڪ جو اٽو بنيادي ترين ضروروتن مان هڪ آهي، تنھنڪري انتظاميا پاران عوام کي مهانگي آگهه تي اٽي جي اگهه تي ڪا به سوديبازي نه ڪئي وندي. ھن فلور ملز مالڪن ۽ چڪي آٽا ايسوسيئيشن جي نمائندن کي سختي سان ھدايت ڪئي ته  ھو پاڻ ۾ گڏجي اھڙو ڪو مڪينزم ترتيب ڏين جو عوام کي سرڪاري مقرر ڪيل اگھه تي  في ڪلو آٽو 56 روپين ۾ دستياب ٿي سگهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.