شهدادپور ۾ همراهه جو پٽ جي قتل خلاف احتجاج

شھدادپور (ن ع آ) شھدادپور ڳوٺ دودو خان بنگلاڻي جو رھواسي پيرسن علي حسن ولد مھر علي بنگلاڻي جو پريس ڪلب شھدادپور پھچي پٽجي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاء احتجاج ان موقعي تي پيرسن علي حسن صحافين آڏو دانھيندي چيو آهي ته منهنجي نوجوان پٽ ھزار خان بنگلاڻي کي ڪجھ عرصو اڳ قتل جيو ويو ھو جنهن جو ڪيس شاھپور چاڪر ٿاڻي داخل آهي قتل ۾ ملوث جوابدارن تاج محمد ماڇي پرويز خاصخيلي درياء خان ماڇي مير محمد ماڇي آهن جن خلاف قتل جي ايف آء آر داخل ھجڻ باوجود شاھپور چاڪر جي پوليس قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ناھي ڪيو ويو پيرسن وڌيڪ چيو آهي ته مان ٿاڻي جا چڪر ڪاٽي ڪاٽي ٿڪجي پيو آھيان مونکي پوليس اھلڪار ذھني عذاب ڏئي رھيا آهن بااثرن جي ونگارو بڻجي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ بجاء تحفظ ڏنو پيو وڃي ھن وڌيڪ چيو آهي ته قتل ڪيس جا مک جوابدار ۽ ان جا ساٿي ڪيس تان ھٿ کڻائڻ لاء موتمار ڌمڪيون ڏئي حراسان ڪري رھيا آهن جنهن مان مونکي جاني ۽ مالي خطرو آهي پيرسن وس وارين اعلي اختيارن کان مطالبو ڪندي گھر ڪئي آهي ته مذڪوره جوابدارن کي فورن گرفتار ڪري انصاف ڪري تحفظ ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.