ميان صاحب لڳ جوابدارن سارين جو ديرو ساڙي ڇڏيو

ميان صاحب ( ن ع آ ) ميان صاحب شهر ڀرسان ڪالهه ميان فيض محمد پنهيار جي سپر سارين جي ديري کي نامعلوم جوابدار باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو. باهہ لڳڻ سبب ديري ۾ رکيل زميندار ۽ سندس هاري منظور شيدي جون ساريون سڙي رک ٿي ويون اهڙو اطلاع ميان صاحب پوليس کي ڪيو ويو جتي پوليس کوجي ڪتي جي مدد سان پيرا کنيا جيڪي عبدالستار پنهيار جي گهر ۾ لڳا جتان ميان صاحب پوليس ديري کي باهہ ڏيڻ جي شڪ ۾ عبدالستار پنهيار جي ٻن پٽن سميت 3 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو ان سلسلي ۾ پورهيت منظور شيدي ٻڌايو تہ نامعلوم جوابدارن سپر سارين جي رکيل ديري کي باهہ ڏني جنهن ڪري اسان جو لکين رپين جو نقصان ٿيو آهي هوڏانهن ميان صاحب پوليس ٻڌايو تہ ديري کي باهہ ڏيڻ واري واقعي ۾ کوجي ڪتي جي مدد سان پيرا کڻي 3 شڪي گرفتار ڪيا آهن جن کان جاچ ڪري رهيا آهيون .

  • ميرپور ٻرڙو  لڳ 4 گهرن کي باهه، متاثرن جو احتجاج

ميرپور ٻرڙو ( ن ع آ  ) ميرپور ٻرڙو ويجهو  ڳوٺ رسلدار موچي ۾ هڪ هفتو اڳ چلهه جي اٿليل چڻنگ 4 پورهيتن نورمحمد ٻرڙو. صدر الدين ٻرڙو.اڪبر ٻرڙو. علي گل ٻرڙو جا گهر سڙي رک ٿي ويا. هئاگهرن ۾ پيل سمورو سامان پيٽيون کٽون، اناج نياڻين جو ڏاج سميت ٻيو سامان سڙي رک ٿي ويو هو. جنهن تي پورهيت سخت پريشان ٿي ويا آهن. پورهيت ٻارڙن سميت کليل آسمان هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور آهيون.

  • ٽنڊو مستي لڳ گهر کي باهه، الهه تلهه سڙي خاڪ

ٽنڊومستي ( ن ع آ) ٽنڊومستي ڀرسان ڊٻ ميهر شاھ جي ڳوٺ عاشق آباد ۾ ڳوٺاڻي جي گھر کي اوچتو باھ وڪوڙي وئي . گھر اندر پيل الھ تلھ سڙي رک ٿي ويو . اطلاع بعد فائر برگيڊ عملو نه پھتو ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ باھ تي ڪنٽرول ڪري وڌيڪ نقصان کان بچائي ورتو . خبر موجب ٽنڊومستي ڀرسان ڊرٻ ميھر شاهه جي ڳوٺ عاشق آباد ۾ درگاھ نور پور جي فقير غلام شبيرکوسو جي گهر کي اوچتو  باھ وڪوڙي وئي گھر ۾ پيل ھنڌ کٽون . ڪپڙا جا وڳا ۽ گھر جو ٻيو مڪمل سامان سڙي رک ٿي ويو آهي  . ھوڏانھن  اطلاع ڏيڻ بعد به فائربرگيڊ عملو نه پھتو آهي جڏهن ته ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ باھ تي ڪنٽرول ڪري ورتو آهي . ان سلسلي ۾ متاثر ڳوٺاڻي فقير غلام شبير کوسو ٻڌايو ته باھ لڳڻ جو ڪارڻ گهرجي ٻاهران ڳوٺاڻي اميرحسين ٿيٻو پنهنجي زمين ۾ ڊڀن کي باھ ڏني ھئي جيڪا آهستي آهستي وڌندي وڃي اسان جي گهرجي ڪمرن ۾ داخل ٿي  گهر  جي ڪمرن ۽ مال جي ٻڌڻ جي واڙوي کي لڳي ئي جنهن ڪري اسان جو ڪمرن ۾ پيل مڪمل سڙي  رک ٿي ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.