نوابشاهه ۾ عورت جو ڌيءُ جي آزاديءَ لاءِ احتجاج

نوابشاهه (ڊ ر) بي سيڪشن ٿاڻي جي حد غزالي ٽائون واري علائقي جي رھواسي شھناز لنڊ پريس ڪلب نوابشاهه پھچي احتجاج ڪندي دانهيوآھي ته منھنجي 10 ورھين جي نينگريءَ فاطمه ٻہ مھينہ اڳ گھران شي وٺڻ نڪتي جيڪا واپس ڪون آئي اھڙي اين سي اسان ان وقت بي سيڪشن ٿاڻي تي به داخل ڪرائي پر پوليس گذريل ٻن مھينن کان وٺي اسان جي ڪا به مدد نٿي ڪري ھن چيو ته مونکي شڪ آھي ته منھنجي نياڻي کي اغوا ڪيو ويو آھي ڪجھ وقت اڳ به منھنجو نياڻو منھنجي نينگريءَ فاطمه کي اغوا ڪري ويو ھئو ھن چيو ته اسان نياڻي جي ڳولا ڪري ٿڪجي پيا آھيون پر نينگريءَ جو ڪو به پتو نه پئجي سگھيو آھي ھن چيو ته مان غريب آھيان حڪومت ۽ ٻين وس وارن کان اپيل تي ڪيان ته منھنجي ناري جي ڳولا ۾ منھنجي مدد ڪئي وڃي ۽ نينگري جي اغوا ۾ ملوث ماڻھن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.