لاڙڪاڻي ۾ نوجوان جا قاتل گرفتار نه ٿيا، متاثرن مٿان ڪيس، هڪ گرفتار، احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي مراد واهڻ پاڙي جي رهواسي عورتن ٽي مهينا اڳ بيدردي سان قتل ٿيل 16 سالن جي نوجوان سمير بروهي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي مقتول نوجوان جي امڙ شبانه خاتون بروهي پنهنجي ماسي زليخان خاتون ۽ معصوم ٻارڙن سان گڏجي صحافين آڏو دانهيندي چيو ته گذريل 13 آگسٽ تي منهنجي نوجوان پٽ سمير بروهي کي گهٽي ۾ گهر اڳيان ويهڻ جي معاملي تان عورت پوليس اهلڪار ارجمه شاهين ۽ سندس ڀائرن اسان جي گهر ۾ گهڙي تشدد ڪري بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو، اهڙو ڪيس مون حد جي دڙي ٿاڻي تي داخل ڪرايو جنهن تي پوليس ٽن مهيني جي عرصدي دوران صرف ٻن جوابدارن عدالت ۽ نظير جسڪاڻي کي گرفتار ڪري سگهي آهي، جڏهن ته مک جوابدار عورت پوليس اهلڪار ارجمه شاهين سندس ڀائرن عمران علي، مشتاق احمد، علي محمد جسڪاڻي ۽ ٻين کي پوليس گرفتار نه پئي ڪري جنهن ڪري مُک جوابدارڻ ارجمه شاهين پوليس اهلڪار هجڻ جي ڪري پنهنجي وردي جو ناجائز استعمال ڪندي پٽ سمير جو قتل ڪيس لاڙڪاڻي مان قمبر ڏانهن منتقل ڪرائي ڇڏيو ان کان علاوه دڙي ٿاڻي جي پوليس جوابدار ڌر جي ونگار وهندي منهنجي والدين سميت ڀائرن مٿان چوري جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪريو جنهن ڪيس جي آڙ ۾ پوليس مسلسل اسان جي گهرن تي چڙهايون ڪري حراسان ڪري رهي آهي ۽ پوليس ٽي ڏينهن اڳ منهنجي سئوٽ نثار بروهي کي گرفتار ڪري وئي آهي، چيف جسٽس، آءِ جي سنڌ نوٽيس وٺي پٽ جا قاتل گرفتار ڪري تحفظ ڏيارين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.