مٺي ۾ بل ڪرائڻ تان ايڪسيئن ۽ پ پ اڳواڻ ۾ ڇڪتاڻ، مظاهرو

مٺي (بيورو رپورٽ) مٺي جي بلڊنگ آفيس ۾ سي سي روڊ جي 17 لک روپين واري اسڪيم  جو رهيل بل جي منظوري ۽ رشوت طلب ڪرڻ تان پ پ پ اڳواڻ نندلال مالهي ۽ ايڪسيئن بلڊنگ اوم پرڪاش وچم ڏند چڪ بعد وڏي پئماني تي ڇڪتاڻ پئدا ٿي ويئي آھي،ايڪسئين بلڊنگ پ پ پ اڳواڻ ۽ سندس ٺيڪيدار پٽ ڪندن مالهي مٿان غيرقانوني طريقي سان بل منظور نه ڪرڻ تان آفيس ۾ ڀڄ ڊاھ،ڌمڪين جا الزام لڳائيندي ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ مٺي ٿاڻي تي درخواست ڏني ويئي آھي،جڏهن ته پ پ پ اڳواڻ الزامن کي رد ڪندي آفيسر مٿان 5 لک روپيه رشوت طلب ڪرڻ جو لزام لڳايو ويو آھي،اهڙي صورتحال کانپوءِ هڪڙي پاسي ڪاموري ۽ پ پ پ اڳواڻ وچم جهيڙو ٿر جي عوامي حلقن وڏي بحث جو موضوع بڻجي ويو آھي ته ٻئي پاسي ايڪسئين بلڊنگ پاران پنهنجي ماتحت ملازمن کان پ پ پ اڳواڻ خلاف مظاهرو پڻ ڪرايو ويو آھي،ان ڏس ۾ ايڪسئين بلڊنگ ٿرپارڪر اوم پرڪاش رابطو ڪرڻ تي الزام لڳايو ۽ پوليس کي ڏنل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آھي ته  پ پ پ اڳواڻ نندلال مالهي جو پٽ ڪندن مالهي 17 لک روپين جي سي سي روڊ جو ٺيڪيدار آھي ايڊوانس غيرقانوني بل منظور نه ڪرڻ تي حملو ڪري ڌمڪيون ڏنيون ۽ آفيس جا شيشا ٽوڙيا سندن خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي،هن چيو ته مون ڊي سي،ايس ايس پي ۽ کاتي جي لاڳاپيل آفيسرن کي لکت ۾ آگاھ ڪيو آھي آفيسرن تي حملا ٿيا ته ڪوبه آفيسر ڪم نه ڪري سگهندو،نند لال مالهي سندس پٽ جا ناجائز ۽ غيرقانوني بل منظور ڪرائڻ لاءِ اهڙو عمل ڪيو جيڪو برداشت نه ڪنداسين،اسان کليل داداگيري ڪئي ويئي آھي اسان واقعي جو هر صورت ۾ ڪيس داخل ڪرائينداسين،هوڏانهن پ پ پ اڳواڻ نندلال مالهي رابطو ڪرڻ تي چيو آھي ته ايڪسين بلڊنگ اوم پرڪاش 17 لک جي ٺيڪي جو بل منظور ڪرڻ لاءِ 5 لک رشوت طلب ڪئي ۽ اسان سان بداخلاقي ڪئي،پٽ ڪندن مالهي ڄاڻايل اسڪيم جو ڪم 2 مهينا اڳ مڪمل ڪيو پر رشوت کانسواءِ ايڪسئين بل منظوري لاءِ کيس دربدر ڪري رهيو آھي،آفيس ۾ ڪوبه حملو يا ڀڄ ڊاھ نه ٿي آھي،اوم پرڪاش اسانکي بليڪ ميل ڪرڻ لاءِ اهڙي درخواست ڪئي آھي،آئون ڪڏهن به ڪنهن کاتي جي آفيس نه ويندو آھيان اوم فون اٽينڊ نه ڪيو ته ويس پر هن مونکان سڌو سنئون 5 لک رشوت طلب ڪئي،جنهن تان ڏند چڪ ٿي،اسان 17 لک جي ڪم تي 5 لک ايڪسئين کي ڇو ڏيون؟اسان جو ڪم مڪمل ٿيل آھي،اوم پرڪاش رشوت تي ٺيڪيدارن جا ايڊوانس بل منظور ڪري ٿو اسانجو جائز بل منظور نٿو ڪري اها داداگيري آھي لاڳاپيل فورمن تي آوازا ٿاريندس،ٻئي طرف ايس ايڇ او مٺي محمد سومار منڱريو رابطو ڪرڻ تي چيو ته ايڪسئين بلڊنگ اوم پرڪاش لکت ۾ درخواست ڏني آھي پر ڪيس داخل ڪرائڻ نه آيو آھي ايندو ته بالا آفيسرن کي اعتماد ۾ وٺڻ بعد قانوني ڪارروائي ڪنداسين،هوڏانهن واقعي بعد بلڊنگ کاتي جي ملازمن عبدالغني پنڃارو جي اڳواڻي ۾ ايڪسئين جي حمايت ۽ پ پ پ اڳواڻ خلاف آفيس ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ چيو ته پ پ پ اڳواڻ حملو ڪيو آھي،جنهن خلاف ڪارروائي نه ٿي ته ڪم ڇڏ هڙتال ڪئي ويندي.

  • راشد محمود سومرو ۽ ٻين تي ڪيس لاءِ داخل درخواست رد

سکر (  رپورٽر )  جي يو آءِ اڳواڻ مولانا راشد محمود سومرو ۽ ٻين خلاف ڊاڪٽر خالد محمود جي قتل ۾ ملوث جوابدار پاران ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ داخل درخواست جي ٻڌڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس ذوالفقار علي سانگي جي عدالت ۾ ٿي گذري،  سيشن ڪورٽ پاران درخواست کي رد ڪرڻ واري فيصلي کي برقرار رکندي درخواست رد ڪري ڇڏي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.