اسلام آباد ۾ صحافين کي هراسان ڪندڙ 32 جوابدار گرفتار

اسلام آباد(م ڊ) اسلام آباد پوليس صحافين کي هراسان ڪرڻ وارن ڪيسن جي جاچ رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته صحافين کي هراسان ڪرڻ ۽ مٿن حملا ڪرڻ جي داخل 16 ڪيسن ۾ 32 جوابدار گرفتار ڪري کين جيل اماڻيو ويو آهي، اسلام آباد پوليس جي سربراهه اها رپورٽ پاڻ مرادو نوٽيس وٺڻ جي سلسلي ۾ جمع ڪرائي آهي. ان رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته صحافي ابصار عالم ۽ اسد طور تي حملو ڪندڙ جوابدار اڃا تائين گرفتار نه ٿي سگهيا آهن، نادرا جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ابصار عالم ۽ فواد چوڌري تي حملي واري هنڌ جون سي سي ٽي وي ڦٽيجز هٿ ڪيا ويا آهن، پر انهن جي ڪوالٽي بهتر نه هئي، جنهنڪري جوابدارن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي. جڏهن ته گهرو وزير شيخ رشيد چيو ته جوابدارن کي ڪجهه هفتن اندر گرفتار ڪيو ويندو. پوليس ابصار عالم ڪيس ۾ 22 ماڻهن ۽ اسد طور ڪيس ۾ 30 اکين ڏٺن شاهدن جا بيان قلمبند ڪيا آهن.

  • حافظ سعيد جي گهر ٻاهران ڌماڪو ڪندڙ ڪيئن گرفتار ٿيا؟ حامد مير

اسلام آباد: صحافي ۽ تجزئي نگار حامد مير جو چوڻ آهي ته صحافين کي هراسان ڪرڻ وارن ڪيسن بابت پوليس جي رپورٽ صرف خانا پوري کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي، هن چيو ته رڳو بهانو بڻايو پيو وڃي ته سي سي ٽي وي ڦٽيجز ۾ سڃاڻپ نه پئي ٿئي، جڏهن ته حافظ سعيد جي گهر ٻاهران ڌماڪو ڪندڙن جي به سڃاڻپ نه پئي ٿئي، ان باوجود جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو، حامد مير چيو ته اسد طور تي حملي جي جاچ باري ۾ شيخ رشيد چيو ته پوليس جوابدارن جي ويجهو پهچي چڪي آهي، پر اڄ تائين جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا آهن. هن چيو ته منهنجي مٿان ٿيل حملي بابت سپريم ڪورٽ جج جي نگراني ۾ ڪميشن ٺاهي وئي پر اڃان تائين ڪو نتيجو سامهون نه اچي سگهيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.