ڪور ڪميٽي اجلاس ۾ مئچ جي غلطين جو ذڪر

اسلام آباد (م ڊ ) وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ پي ٽي آءِ جي ڪور ڪميٽي جي اجلاس جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي. ذريعن موجب پي ٽي آءِ ڪور ڪميٽي جي اجلاس ۾ وزيراعظم مخالف ڌر جي سياسي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ کان پاسو ڪيو. ملاقات ۾ قومي معيشت، مهانگائي ۽ عوام کي رليف جي قدمن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي ٽيم کي پريشان نه ٿيڻ جو مشورو ڏنو آهي. ان موقعي تي وزيراعظم گذريل ڏينهن جي سيمي فائنل ميچ ۾ پاڪستاني ٽيم جي ڪجهه غلطين جو ذڪر ڪندي چيو ته جيڪڏهن ٽيم آخري دم تائين پر اعتماد رهي ها ته نتيجو مختلف ٿي سگهي ها.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.