مٺي ۾ ناري جو گهر مان ٽنگيل لاش هٿ

مٺي (بيوروچيف)مٺي جي ٽاڀا ڪالوني ۾ 17 سالن جي نوجوان ناري جو گهر اندر ٽنگيل لاش مليو،وارثن واقعو خودڪشي قرار ڏيئي ڇڏيو،مٺي جي ٽاڀا ڪالوني ۾ سونيا ڌيءَ سارنگ ميگھواڙ جو سندس گهر اندر چونري ۾  لٽڪيل لاش مليو آھي مٺي پوليس اطلاع بعد واقعي واري هنڌ پهچي لاش سول اسپتال منتقل ڪيو جتي پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو ان ڏس ۾ وارثن واقعي کي خودڪشي قرار ڏئي اتفاقي موت جي رپورٽ داخل ڪرائي آھي مٺي پوليس موجب سونيا ميگهواڙ جو لاش پوليس پهچڻ وقت کٽ پيل هو انڪري گهڻ رخي جاچ ٿيندي، وارثن واقعي کي خودڪشي قرار ڏنو آھي جاچ بعد حقيقتون سامهون اچي وينديون، نوجوان ناري جو لاش سول اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪري جاچ شروع ڪئي ويئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.