جهول ويجهو ناري کي باهه ڏيڻ وارو معاملو، 6 جوابدارن تي ڪيس داخل

جهول ( ن ع آ) 2 مهينا اڳ جهول ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڌڻي بخش ملوکاڻي ۾ مسمات ڪائنات کي سندس مڙس امداد علي ۽ ٻين باه ڏئي ساڙي زخمي ڪيو هو جنهن کي ڳجھ ڳوه ۾ مقتولا جي وارثن ۽ پوليس کي اطلاع ڏيڻ بغير ڪراچي جي هڪ نجي ميڊيڪل سينٽر تي علاج لاء داخل ڪرايو جتي زخمن جا سور نه سهندي ٽن ڏينهن بعد فوت ٿي وئي. جنهن جو لاش رات جي پيٽ ۾ مقتولا جي وارثن ۽ پوليس کي ٻڌائڻ جي بغير دفنائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا ته مقتولا ڪائنات ملوڪاڻي جي ڀاء علي رضا ملوڪاڻي کي خبر پئي جنهن فوري طور جهول پوليس کي اطلاع ڪيو جهول پوليس ڳوٺ ڌڻي بخش ملوکاڻي پهچي لاش تحويل ۾ وٺي سانگهڙ سول اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائي لاش مقتولا جي ڀائرن کي ڏيڻ بجاء مقتولا جي مڙس امداد علي جي حوالي ڪيو مقتولا جي ڀاء علي رضا ملوڪاڻي پنهنجن مٽن مائٽن سان گڏ جهول ٿاڻي تي پهچي مقتولا جي ساهرن خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ لاء دانهون ڪندو رهيو پر جهول پوليس مقتولا جي ساهرن کان وڏي رشوت وٺي ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۔ جنهن تي علي رضا ملوڪاڻي پنهنجي وڪيل حسنين نظاماڻي جي معرفت ايڊيشنل سيشن جج ون جي عدالت ۾ درخواست ڏني جنهن تي گزريل ڏينهن عدالت سڳوري جهول پوليس کي مقتولا جي ساهرن خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو جنهن تي جهول پوليس مقتولا ڪائنات ملوڪاڻي جي ڀاء علي رضا ملوڪاڻي جي فرياد تي عدالتي حڪم تحت گناه نمبر 83/2021 قلم 302.149PPC تحت جوابدارن امداد علي۔ نثار علي۔ نديم علي۔ زنوارعلي۔ اختر علي ۽ نصير ملوکاڻي تي ڪيس داخل ڪري ورتو جڏهن ته جهول پوليس اڃان تائين ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه آندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.