سرداري نظام کان ڇوٽڪاري جو سوال

سنڌ ۾ مثبت سياسي سماجي ۽ ادبي شعور جي آبياري ڪندڙ، سنڌ جي عوام جي جذبن جي ترجماني ڪندڙ ”عوامي آواز ميڊيا گروپ“   هن سال 5 ڊسمبر تي ثقافتي ڏهاڙي ملهائن جي لاءِ ان ڏينهن کي سرداري نظام کان ڇوٽڪاري جي ڏينهن طور  ملهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. جنهن جو مقصد  هن مدي خارج نظام مان جند ڇڏائڻ آهي. اسان سمجهون ٿا سنڌ ۾ مدي خارج سسٽم جي موجودگيءَ جي ڪري ئي عوام بنيادي سهولتن کان وانجهيل آهي، اداري طرفان سموري سنڌ ۾ سرداري سرشتي خلاف ريليون ڪڍيون وينديون، سيمينار ڪيا ويندا.ڪانفرنسون ڪيون وينديون، جيئن عام ماڻهون کي  هن سسٽم جي  خلاف بيدار ٿيندڙ شعور سان سلهاڙي سگهجي، عوام جي طاقت کي وڌيڪ منظم ڪري سگهجي.

تازو  هڪ لڱ ڪانڊاريندڙ واقعي کانپوءِ سموري سنڌ جو  ماڻهون سرداري نظام خلاف اٿي کڙو ٿيو آهي. سنڌ جي ويجهڙائي واري تاريخ ٻڌائي ٿي ته هر حڪومت سرداري سسٽم کي مضبوط ڪري رهي آهي جنهن جا مثال سُڌ سماءُ جي ذريعن ۾ سردارن جي ٿيندڙ فيصلن سان سامهون اچي رهيا آهن.روز ڪٿي نه ڪٿي ڪو سردار پنهنجي يا پرائي برادري جا فيصلا ڪندي نظر اچي ٿو. اهڙن فيصلن ۾ هميشه غريب يا اڀري ڌر متاثر ٿئي ٿي جنهن  مٿان ئي ڳاٽي ٽوڙ ڏنڊ   وڌو وڃي ٿو. جي صفا بي رحمي سان ڳالهه کي هتي پيش ڪجي ته سنڌ ۾ سرداري فيصلا هڪ ڪاروباري شڪل اختيار ڪري ويا آهن جنهن سان ڏنڊ جي بار هيٺ غريب غربي جي زندگيءَ گهڻو ڏکي بڻجي وئي آهي.

هلندڙ مهيني جي شروعات ۾ ملير جي علائقي ۾ هڪ عام ماڻهون  سردارن جي مهمانن کي شڪار ڪرڻ کان روڪيو هو،جنهن تي سردار جيڪي اسيمبلين جا ميمبر پڻ آهن ان نوجوان کي پنهنجي اوطاق تي طلب ڪري ان تي انسانيت کان ڪريل تشدد ڪري هن کي موت جي ننڊ سمهاري ڇڏيو. ان واقعي کانپوءِ سموري سنڌ ۾ شروع ٿيل مزاحمت جاري آهي، جنهن سموري سرداري نظام خلاف تاريخي فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي ته سنڌ جو عام ماڻهون اهڙي ڪنهن به سرداري نظام کي قبول ڪرڻ جي لاءَ تيار نه آهي.

سرداري سسٽم بنيادي طور تي هزارين ورهيه پراڻي قبائلي نظام جو هڪ حصو آهي، جيڪو گهڻا سال اڳ کان پنهنجي اهميت وڃائي ويٺو آهي. ان جي باوجود هن ايڪيهن صديءِ ۾ پڻ سنڌ ۾ ان جا آثار موجود آهن، جنهن علائقي ۾ مٿي ذڪر ڪيل واقعو ٿيو آهي اهو پهاڙي علائقو آهي، جنهن جو اڻ سڌو تعلق بلوچستان واري پٽيءَ سان ڪنهن دور ۾ رهيو آهي، جنهنڪري اتي سرداري نظام جو اثر موجود آهي،

ملڪ جي آئين ۾ اهو چٽو ڄاڻايل آهي ته هي هڪ جمهوري ملڪ آهي ان هوندي به ملڪ جي ڪجهه حصن ۾ قبائلي سسٽم موجود آهي. جتي عام ماڻهو هڪ آزاد ملڪ   جي آزاد شهريءَ هئڻ جي باوجود سرداري قاعدن قانونن ۽ پراڻين روايتن ۾ ڦاٿل آهي.

سنڌ ۾ به ڪٿي قبائلي سسٽم نظر ايندو ته ڪٿي زرعي سماج جو اثر آهي ته وري ڪٿي سرمائيداري نظام موجود آهي، هڪ ئي وقت اسان جو سماج ڪيترين ئي اڻ لکيل روايتن، قانونن ۽ طور طريقن ۾ وڪوڙيل آهي، جنهن جا انهن مخصوص علائقن ۾ اثر نظر اچن ٿا.  سنڌ جا اهي علائقا جيڪي بلوچستان سان لڳن ٿا اتي سرداري سسٽم جا اثر ڪجهه وڌيڪ ڏسڻ جي لاءِ ملن ٿا.

سنڌ ۾ سماجي جوڙجڪ جي لحاظ سان ڪي ماڻهون پراڻين ريتن رسمن ۾ ورتل  آهن، جيڪي پراڻيون، ۽  مدي خارج ٿي ويون آهن، ان هوندي به هر سردار پنهنجي پنهنجي علائقي ۾ انهن روايتن کي جاري ساري رکندو پيو اچي.

سنڌ هڪ ئي وقت قبائلي. زرعي ۽ سرمائيدارڻي معاشري ۾ جڪڙيل آهي، سياسي سکيا جي  کوٽ، تعليم جي شرح نالي ماتر هئڻ ۽ سماجي اڻبرابري سبب هر سياسي ڌر  پنهنجي پوزيشن کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ قبائلي سردارن، وڏن جاگيردارن۽ زميندارن، سرمائيدارن جو  سهارو وٺي ٿي. عوام کان  جمهوريت جي نالي ۾ ووٽ وٺي اقتدار تائين پهچي ٿي، جنهن ڪري ڪا به سياسي ڌر، وقت جي حڪومت  انهن سردارن، جاگيردارن، وڏيرن، سرمائيدان خلاف ڪو قانون جوڙڻ نٿي چاهي جيڪي اڀرا سڀرا قانون هنن خلاف جوڙيل آهن انهن تي عمل ڪرڻ کان به ڪيٻائيندي آهي، جنهنڪري اهي سردار، قبائلي اڳواڻ،وڏيرا ،جاگيردار، سرمائيدار اهو سمجهن ٿا ته اهي ئي هن ملڪ جا اصل حڪمران آهن. جن کي ڪو به چئلينج نٿو ڪري سگهي،

اسان گهر ڪريون  ٿا ته سنڌ مان سرداري نظام جو خاتمو ڪري ، سردار ن جي سرپئنچي ۾ ٿيندڙ فيصلن کي ڪالعدم قرار ڏئي، اهي ڪيس ملڪ جي جوڙيل قانون هيٺ عدالت۾ اندا وڃن .ملڪي قانون موجب نبيرو ڪيو وڃي. اسان اهو پڻ مطالبو ڪريون ٿا ته اهڙن فيصلن ڪندڙسردارن کي به قانون جي پڪڙ۾ آندو وڃي. هئڻ ته ايئن گهرجي ته سموريون سياسي پارٽيون پڻ سندن صفن ۾ ويٺل سردارن کي سردار ي حيثيث ۾ هنن جي پٺڀرائي نه ڪن،انهن کي سردار هئڻ جي بنياد تي پارٽي ٽڪيٽ ڏيڻ کان پاسو ڪن

هڪ جمهوري سسٽم کي سگهارو ڪرڻ جي لاءَ حڪومت سردارن جي بجاءِ عوام جي پاسي بيهي جيئن سردارن ۽ سرداري نظام جي حوصله شڪني  ٿئي، سرڪار پنهنجي ڪارڪردگيءَ سان عوام کي اهو يقين پڻ ڏياري ته اها صرف قول جي حد تائين نه پر عملي طور به عوام سان گڏ آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.