حڪومت انگ اکر لڪائڻ بدران مافيا کي نوازڻ بند ڪري: بلاول

اسلام آباد (م ڊ)  پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري حڪومت پاران مهانگائي بابت شماريات کاتي جي هفتيوار رپورٽ روڪڻ جي مخالفت ڪندي فيصلو واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته انگ اکر لڪائڻ سان مهانگائي گهٽ نه ٿيندي، حڪومت انگ اکر لڪائڻ بدران مافيا کي نوازڻ ۽ ڪرپشن بند ڪري. هن چيو ته آمريتي دور ۾ به مهانگائي جا انگ اکر عوام کان لڪائڻ جي ڪوشش نه ڪئي وئي.  ياد رهي ته وفاقي حڪومت شماريات واري اداري کي هفتيوار مهانگائي جي رپورٽ جاري ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.