ٽي ايل پي سربراهه سعد رضوي جو نالو فورٿ شيڊيول مان نيڪال

لاهور (م ڊ) تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي سربراهه علامه سعد رضوي جو نالو فورٿ شيڊيول جي فهرست مان ڪڍيو ويو آهي. پنجاب جي گهرو کاتي طرفان 487 ڄڻن جا نالا فورٿ شيڊيول جي فهرست مان ڪڍيا ويا آهن، جن۾ ٽي ايل پي سربراهه سعد رضوي جو نالو به شامل آهي. گهرو کاتي جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري طرفان جاري پڌرائيءَ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سعد رضوي جو نالو فورٿ شيڊيول مان ڪڍڻ لاءِ ڊسٽرڪٽ انٽيليجنس ڪميٽين پنهنجون سفارشون پيش ڪيون هيون. پنجاب حڪومت جي جاري نوٽيفڪيشن موجب فورٿ شيڊيول مان نالو ڪڍڻ لاءِ لاڳاپيل ضلعن جي پوليس رپورٽ تي ڪارروائي ڪئي وئي ۽ هيل تائين تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي 577 ڄڻن جا نالا فورٿ شيڊيول جي فهرست مان ڪڍيا ويا آهن.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.