باهو کوسي جي احساس سينٽر تي عورت صدمي ۾ فوت

باهو کوسو ( رپورٽ:  باسط مرهيٽو ) باهو کوسي جي احساس سينٽر تي پيسا ڪڍرائڻ لاءِ پهتل عورت فنگر ميچ نه ٿيڻ جي صدمي ۾ دل بيهڻ سبب فوت ٿي آھي، ڳوٺ گل محمد مرهيٽو واسڻ مسمات زرناز خاتون احساس ڪفالت تحت آيل پيسا ڪڍرائڻ لاءِ باهو کوسو جي احساس ڪفالت سينٽر تي پهتي ته سندس فنگر ميچ نه ٿيڻ سبب ڊوائيز هولڊر ڊيلرز کيس پيسا ڪڍي ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، عورت سينٽر تي ويٺل ڊيلرز کي علاج ڪرائڻ واسطي پيسا ڪڍي ڏيڻ لاءِ منٿون ڪندي رهي پر ڊوائيس هولڊر ڊيلرز فنگر ميچ نه ٿيڻ جو چئي کيس موٽائي ڇڏيو ته صدمي ۾ دل جو دورو پوڻ سبب عورت احساس سينٽر ۾ ئي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. مقامي صحت مرڪز ۾ ايمبولينس جي سهولت نه هجڻ ڪري فوتي عورت جي لاش کي سندس وارث چنگچي رڪشا ۾ کڻائي ڳوٺ پهتا، لاش پهچڻ تي فوتي عورت جي گهر ۾ روڄ راڙو پئجي ويو، ٻئي پاسي رابطو ڪرڻ تي فوتي عورت جي پٽ حسن مرهيٽو ٻڌايو ته وياجين جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي، ان ڪري امان سخت پريشان هئي صدمي ۾ فوت ٿي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.