ڀان سيد آباد: ڪميونٽي سينٽر انتظاميا جي بي ڌياني سب تباهه حالي جو شڪار

ڀان سيدآباد ۾ ڪروڙين روپين جي لاڳت سان تيار ڪيل ڪميونٽي سينٽر انتظامي جي بي ڌياني سبب تباهه حالي جو شڪار، فرنيچر ۽ قيمتي سامان چوري، ملازم غائب.

ڀان سيدآباد شهر ۾ 1995ع ۾ شهرين جي سهولت لاء قائم ڪيل ڪميونٽي سينٽر تعمير ڪرايو ويو هو جيڪو گذريل 10 سالن کان ڀوت بنگلي جو منظر پيش ڪري رهيو آهي.

ان سلسلي ۾ شهرين آصف علي ميمڻ، محمد  ايوب ڀنڊ، هاشم برهماڻي۽ ٻين ٻڌايو ته ڪميونٽي سينٽر شهر واسين کي تحفي طور ڏنو ويو هو، جنهن کي ڪروڙين روپين جي لاڳت سان ٺاهيو ويو پر افسوس ثقافت ۽ سياحت کاتي جي بي ڌياني سبب کنڊرات جو ڏيک ڏيئي رهيو آهي جڏهن ته سينٽر ۾ پيل سمورو سامان چوري ٿي ويو آهي.

شهرين سنڌ جي وڏي وزير کان مطالبو ڪيو ته سيد عبدالله شاه مرحوم جي نشاني ڪميونٽي سينٽر ڀان سيدآباد کي ٻيهر بحال ڪرائي شهرين کي سهولت فراهم ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.