بلوچستان يونيورسٽي هاسٽل مان 2 شاگرد کنڀجي ويا

ڪراچي(رپورٽر) نيشنل پارٽي جي مرڪزي ڪميٽي جي ميمبر ۽ ضلعي صدر ڪوئيٽا حاجي عطا محمد بنگلزئي ۽ نيشنل پارٽي جي صوبائي سوشل ميڊيا سيڪريٽري سعد دهوار بلوچستان يونيورسٽي ۾ شاگردن جي بازيابي ۽ تحفظ لاءِ شاگرد تنظيمن طرفان جاري ڌرڻي ۾ ڳالهائيندي احتجاج جي ڀرپور حمايت ڪئي. هنن چيو ته بلوچستان يونيورسٽي جي هاسٽل مان ٻن شاگردن جو گم ٿيڻ ڳڻتيءَ جوڳو آهي، سوين سي سي ٽي وي ڪئميرائن جي موجودگي ۾ شاگردن جي هاسٽل مان جبري گمشدگي سواليا نشان آهي، بلوچستان يونيورسٽي سميت سڄي صوبي جا شاگرد آئي ڏينهن جبري طور گم ٿي رهيا آهن، ڪجهه ڏينهن اڳ نوشڪي کان ڪوئيٽا ايندي به بلوچستان يونيوسٽي جا ٻه شاگرد گم ٿي ويا، جيڪي پاڻ ۾ ڪزن آهن. ان عوام سان عوام ۾ ڳڻتيءَ جي لهر پکڙجي وئي آهي، ماڻهو تعليمي ادارن کان پنهنجي نوجوانن کي پري رکي رهيا آهن، جيڪو بلوچستان جي مستقبل لاءِ سٺو سنئوڻ ناهي. پارٽي شاگردن جي تحفظ لاءِ بلوچستان يونيورسٽي ۾ گڏيل شاگرد احتجاج جي ڀرپور حمايت ڪئي آهي ۽ مطالبو ٿا ڪيون ته يونيورسٽي شاگردن سميت گم ٿيل سڀني ماڻهن کي فوري طور بازياب ڪرائي شاگرد يونين تان پابندي ختم ڪئي وڃي ۽ بلوچستان جو مسئلو ڳالهين سان حل ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.