سيوهڻ لڳ گئس ڪمپني پاران صحت مرڪز بند، احتجاج، شٽربند هڙتال

سيوھڻ  ( رپورٽ : خالد ميمڻ ) سيوھڻ جي يوسي جهانگارا ۾ اي اين آئي گئس ڪمپني پاران ماءُ ٻار صحت مرڪز بند ڪرڻ خلاف اٺين ڏينهن به جھانگارا جي شھرين ۽ دڪاندارن احتجاج جاري رکندي شٽربند ھڙتال ڪئي مردن عورتن جو معصوم ٻارڙن سميت جھانگارا شھر جي مک روڊ تي احتجاجي مظاھرو ڪري علامتي بک ھڙتال ڪئي ۽ گئس ڪمپني خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ان  موقعي تي متاثرين  رهواسين شاهد حسين شاهه، مولا بخش نوحاڻي، آزاد غفور نوحاڻي، غلام حسين خاصخيلي، در محمد باريچو، آپا نظير بيگم, زينت بٽ, نجما جوکيو ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته ماءُ ٻار صحت مرڪز اي اين آئي ڪمپني جي فنڊنگ سان هلندڙ هيو جيڪو اچانڪ بند ڪيو ويو آهي جيڪا تمام وڏي نا انصافي آهي ان عمل سان ڳورھاري عورتن جو بروقت علاج نه ٿيڻ سبب موت واقع ٿي رھيو آهي، جڏھن ته ملازمن کي 4 مھينن جون پگهارون پڻ نه ملي سگهيون آهن، پر ان باوجود مسلسل چئن مهينن تائين ڪم جاري رکيو پر پگهارون نه مليون آھن. ھنن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه, ايم اين اي سڪندر راھپوٽو کان مطالبو ڪيو ته ماءُ ٻار صحت مرڪز کي جلد کولي ان کي صحت کاتي ۾ ضم ڪيو وڃي، ٻئي صورت ۾ ھو مجبور ٿي ڀرپور احتجاج ۽ علامتي بک هڙتال جو سلسلو جاري رکندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.