کنڀي گم ڪيل ذاڪر سهتو اڃا قيد، نوابشاهه ۾ بک هڙتال

نوابشاھ(بيورو رپورٽ) نوابشاھ واسي ڪراچي روزگار سانگي ويل نوجوان ذاڪر سھتو اڻڄاتل ماڻھن ھٿان کنڀجي ويو ھو جنھن جي بازيابي لاءِ 86 ڏينھن بہ قومپرستن ۽ سندس وارثن اڳواڻ سرفراز ميمڻ، علي رضا خاصخيلي، راجا سھتو، ناصر شاھ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران 86 ڏينھن بہ علامتي بک هڙتال ڪئي وئي، ان موقعي تي ھنن چيو ته ڌرتي ڌڻي پنھنجي ڌرتي تي ئي محفوظ نہ آھن صرف حق ۽ سچ ڳالھائڻ جي ڏوھ ۾ کنڀي گم ڪري ماريا وڃن ٿا سنڌي ماڻھن جي ووٽن تي حڪمراني ڪندڙ بہ پنھنجي ڌرتي واسين جي مالڪي نٿا ڪن ھنن چيو تہ ذاڪر سھتو سميت سڄي سنڌ مان کنڀي گم ڪيل سنڌي نوجوانن کي ظاھر ڪري عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي تہ جيئن سندن وارث سُک جو ساھ کڻي سگھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.