منهنجا همدم ڪالعدم..

تحرير؛عاصمه شيرازي

سانحن جي منتظر قوم اميد جي تلاش ۾ ڇو هجي ؟ الميه جيڪي دامن ۾ پلجي رهيا آهن ، ۽ ايندڙ المين جي خبر ڏيندا هجن.

ڇا اسين ڪنهن ٻيٽ تي رهون ٿا، جنهن جون حدون رڳو پاڻي کي ڇُهنديون هجن، دنيا ۾ آهيون ته دنيا جهڙا طور طريقا ڇو ناهن، قوم آهيون ته قوم جهڙا انداز ڇو ناهن ؟ اها ڪهڙي لغت آهي جنهن جي تعريف تي پورا لهُون ٿا ؟ قومي مفاد ۾ تحريڪ لبيڪ کي ڪالعدم قرار ڏنو ويو ۽ وسيع تر قومي مفاد ۾ تحريڪ لبيڪ کي بحال ڪيو ويو، نه رڳو ايترو پر قومي مفاد ۾ ڪيترن ئي پوليس اهلڪارن جو موت جي ذميدار  تنظيم کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ ۽ سياسي طور تي متحرڪ ڪرڻ جو فيصلو پڻ جاري ڪيو ويو.

تحريڪ لبيڪ جو معاهدو اڃان  اڳيان وڌيو ئي مَس جو تحريڪ طالبان پاڪستان سان سيز فائر ، ڳالهين جي  شروعات ۽ هڪ ٻئي معاهدي جي شنوائي آهي،هڪ ڳجهي معاهدي ۾ رياست ڪيترو پٺتي هٽي سو پتو ناهي، نه ئي وري اهو ته هڪ ٻئي معاهدي ۾ اها ڪٿي بيٺل هوندي. رياست کي خبر هجي يا نه هجي پر  سياسي جماعتن کي ضرور پرواهه هجڻ گهرجي. مخالف ڌر جون سياسي جماعتون پنهنجي پنهنجي سياسي بنياد سان انتها پسندي جي خلاف گڏجي ويون آهن.پر انهن نمائنده سياسي جماعتن کي پنهنجو فڪري بنياد پڻ طئه ڪرڻو پوندو ته جيئن مستقبل ۾ بقا جي جنگ وڙهي سگهن. اهو ته طئه آهي ته سياستدانن کي واضح ۽ روشن نظرئي سان سياست ڪرڻي هوندي.

اي پي ايس جي سانحي بعد سموري سياسي ۽ عسڪري قيادت هڪ ڇٽي هيٺ جيڪو معاهدو ڪيو هو ان جو ڇا ٿيو ؟

هڪ اهڙو سماجي معاهدو جيڪو هن کان اڳ پاڪستان ۾ ڪڏهن ڏسڻ لاءِ نه مليو ۽ جنهن جو نتيجو پاڪستان ۾ امن جي صورت ۾ نڪتو.ڇا اسين اهو سمجهي وٺون ته اهو ”قومي پلان“ هنن نون معاهدن کان پوءِ دفن ٿي ويو ؟ ڇا اسان اهو سمجهي وٺون ته رياست پنهنجي طاقت جو استعمال رڳو ڪمزون تي ڪندي.

پاڪستان ۾ هن وقت نيڪٽا جي مطابق گهٽ وڌ ستر کان وڌيڪ تنظيمن کي ڪالعدم قرار ڏنو ويو آهي. جڏهن ته هڪ تنظيم جي ڪالعدم جي عدم ٿيندي ئي ڪيترين ئي پابندي هٽائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي گذريل ٽن سالن ۾ سياسي جماعتن جي اڳواڻن ۽ قومي جماعتن کي جنهن طرح عتاب هيٺ آندو ويو آهي ۽ جهڙي طرح احتساب جي نالي ۾ ديوار سان لڳايو ويو آهي، ان جو مثال نٿو ملي.

ٻئي پاسي جهڙي طرح سان ڪالعدم جماعتن کي ”همدم“ بڻائي اهو ثابت پيو ڪيو وڃي ته سياسي نظام ناڪام ٿي رهيو آهي. اها جيڪڏهن سوچيل سمجهيل  ترڪيب ناهي ته ٻيو ڇا آهي ؟

ڇا هاڻي حڪومت  انتها پسند جماعتن جي  جي سهولتڪاري جو ڪم انجام ڏيندي ۽ عوام سياسي جماعتن جي ايجنڊا جي بجاءِ ڪجهه مخصوص ٽولن جي مفادن جو نگهبان بڻجندو ؟ ڇا جمهوريت ملوڪيت کي جنم ڏيندي ؟ نئين سياسي ڍانچي جي جوڙجڪ ۾ گروهن ۽ جٿن کي جڳهه ڏيڻ  در اصل جمهوريت جي نفي آهي. محمد علي جناح جو پاڪستان جنهن فڪري بنياد تي کڙو ڪيو ويو هو ،ان بنياد کي ٽوڙڻ جي ڪوشش آهي. اسي هزار جانين جيڪو نذرانو پيش ڪيوانهن جي رت تي سودي بازي جي برابر آهي. ۽ نه رڳو اهو پر ڪجهه فردن جي ذاتي ايجنڊا  جي رائج ڪرڻ ۾ قومي مفاد کي در اصل جهٽڪي پهچائڻ جي ڪوشش آهي.

ايندڙ چونڊن کا اڳ طاقتور جٿن جي ذريعي سياسي جماعتن کي قابو ڪرڻ جي پاليسي وسيع تر مفاد ۾ ناهي بلڪه وڏي نقصان ۾ آهي. هڪڙي پاسي متحده قومي مووومينٽ جهڙي جماعت تي پابندي لاڳو ڪئي وئي، رڳو هڪ تقرير ٻڌڻ جي الزام ۾ ڪيترن ئي اڳواڻن پاران ڪيسن کي منهن ڏيڻو پيو. ايتري تائين جو جماعت اڃان به دٻاءُ جو شڪار آهي..

جيڪڏهن تحريڪ طالبان سان ڳالهيون ٿي سگهن ٿيو ته بلوچن سان ڳالهيون ڇو نٿيون ٿي سگهن؟ هڪڙي فرقيوار تنظيم پڻ پابندي هٽائڻ ،نه ته طاقت جي استعمال جي ڌمڪي پئي ڏئي، ڇا رياست اتي به سمجهوتو ڪري سگهي ٿي ؟اسين ڪيڏانهن پيا وڃون ۽ ڇا چاهيون پيا ، ڪڏهن ڪنهن ان تي سوچيو به آهي ؟

نظرياتي،سياسي ۽ مذهبي ورهاست ڪنهن به طرح ملڪ جي جمهوري مستقبل جي لاءِ ڪا خوش آئينده نه آهي.شخصيتن جي مفادن جي تحفظ جي  بجاءِ ادارن کي به ملڪي مفاد ۾ سوچڻ جي ضرورت آهي. به ته هر ٻئي ڏينهن ڪو گروپ رياست کي بليڪ ميل ڪندو.

عوامي راءِ  ۽ آئين جي عملداري ۾ مخالف ڌر  جون سياسي جماعتون ڪبوتر وانگر اکيون بند ڪري مناسب موقعي جي تلاش جي بجاءِ پنهنجو ڪردار ڪڏهن ادا ڪنديون ؟

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.