حيدرآباد ۾ شهيد ناظم جوکيو جي تصوير آڏو ميڻ بتيون ٻاري خراج پيش

حيدرآبا(رپورٽر) حيدرآباد جي ساڃاهه وند ڌرين پاران شهيد ناظم جوکيو کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. شهيد ناظم جوکيو کي ڀيٽا پيش ڪرڻ جي تقريب پريس ڪلب آڏو ٿي، جتي ناظم جوکيو جون تصويرون رکي ميڻ بتيون ٻاري کيس گلن توڙي لفظن ۽ جذبن جي ڀيٽا به ڏني وئي. تقريب ۾ سنڌ جي نامياري دانشور مشتاق ميراڻي، نامياري اديب نصير مرزا، انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ تنظيم ايڇ آر سي پي جي اڳواڻ امداد چانڊيو، پروفيسر عبدالحميد چانڊيو، پروفيسر انعام ڀٽي، فهيم نوناري، سينيئر قومپرست اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري جنرل احمد سولنگي، فشر فوڪ فورم جي اڳواڻ مصطفيٰ ميراڻي، عزادار رابطا ڪميٽي جي چيف آرگنائيزر زوار عبدالستار درس، شاعر ديدار شاد گوپانگ، انو سولنگي، ڀٽائي آرٽس ڪائونسل جي سربراهه رفيق عيساڻي، سنڌ رواداري جي اڳواڻ پنهل ساريو، جي يو آءِ جي صوبائي اڳواڻ مولانا تاج محمد ناهيون، اعظم جهانگيري، آصف کوسو، عوامي تحريڪ جي نور احمد ڪاتيار، قومي عوامي تحريڪ جي اشرف پليجو، ايس ٽي پي جي غلام محمد رند، فنڪشنل ليگ جي رفيق مگسي، ايس يو پي جي ڊويزنل صدر خدا بخش ٿيٻو، سنڌي عورت تنظيم جي سربراهه نذير قريشي، وومين ايڪشن فورم جي حسين مسرت شاهه، حيدرآباد پريس ڪلب جي سيڪريٽري اقبال ملاح، حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس جي جنرل سيڪريٽري جاني خاصخيلي، سينيئر صحافي فاروق سومرو، ونود ڪمار، ڪالم نگار ۽ صحافي عزيز سولنگي، آرڪيالاجسٽ عبدالحق ڀنڀرو، شاعر امين ارباب، ريڊيو پاڪستان جي پروڊيوسر خالد چانڊيو، ڪمپيئر علي عمران سمون، وڪيل عجب گل کوسو، محسن ڀنڊ، اسد فيض کوسو، محفوظ علي ميمڻ، محمد رمضان ميمڻ، شهناز راهوجو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي مطالبو ڪيو ويو ته سنڌ ۾ هر قسم جي شڪار تي پابندي مڙهي عربن جي شڪار واسطي سنڌ ۾ داخلا بند ڪئي وڃي. هوڏانهن ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن پاران شهيد ناظم جوکيو کي ڀيٽا پيش ڪرڻ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر محمد آصف شيخ، لال بخش ڀرڳڙي، محفوظ شيخ، رزاق بروهي جي اڳواڻي ريلي ڪڍي وئي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.