پوڪو جو نئون ۽ سستو فون متعارف

شيائومي جي ماتحت ڪمپني پوڪو ايم سيريز جو نئون فون متعارف ڪرائي ڇڏيو.

پوڪو ايم 4  پرو جي ايم 3 جي جاءِ وٺندو جڏهن ته نئين فون کي اڳوڻي ماڊل کان وڌيڪ بهتر به بڻايو ويو آهي.

پوڪو ايم 4 پرو ۾ ڪجهه وڏي 6.6 انچن جي ڊسپلي 90 هرٽز ريفريش ريٽ سان گڏ ڏني وئي آهي جنهن سان گڏ اڳ کان بهتر 240 هرٽز ٽچ سيمپلنگ ريٽ ڊوائيس جو حصو آهي.

ڊسپلي جي تحفظ لاءِ گوريل گلاس 3 جو استعمال ڪيو ويو آهي.

ان سستي 5 جي فون جي بيٽري لائيف به بهتر بڻائي وئي آهي.

فون ۾ 5000 ايم اي ايڇ بيٽري 33 واٽ فاسٽ چارجنگ سپورٽ سان گڏ ڏني وئي آهي ۽ ڪمپني جي دعويٰ آهي ته زيرو کان 100 سيڪڙو چارجنگ 59 منٽن ۾ مڪمل ٿي وڃي ٿي.

فوٹو بشکریہ پوکو

اها بيٽري رڳو 10 منٽ چارج ڪرڻ سان لڳ ڀڳ اڍائي ڪلاڪ  وڊيو ڏسڻ جي سهولت فراهم ڪندي.

فون جي اندر ميڊيا ٽيڪ جو ڊيمينسٽي 810 پراسيسر ڏنو ويو آهي جڏهن ته هيڊ فون جيڪ موجود آهي ۽ اسٽيريو اسپيڪرز به فون ۾ ڏنا ويا آهن.

فوٹو بشکریہ پوکو

6 جي بي ريم ۽ 128 جي بي اسٽوريج واري ان فون ۾ فنگر پرنٽ اسڪينر کي پاور بٽڻ جو حصو بڻايو ويو آهي.

ان فون جي بيڪ تي ڊوئل ڪيمرا سيٽ اپ موجود آهي جنهن جي مين ڪيمرا 50 ميگا پڪسل جي آهي جنهن سان گڏ 8 ميگا پڪسل الٽراوائيڊ ڪيمرا ڏني وئي آهي.

فون جي فرنٽ تي 16 ميگا پڪسل ڪيمرا پنچ هول ڊزائين ۾ لڪيل آهي.

ڪمپني موجب اها فون 11 نومبر کان عالمي سطح تي دستياب هوندي جنهن جو ( 6 جي بي ريم ۽ 128 جي بي اسٽوريج وارو ماڊل) 250 يورو (لڳ ڀڳ 50 هزار پاڪستاني رپيا) رکي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.