خيرپور ۾ڪتي جو ڏاڙهيل ويڪسين نه ملڻ تي عدالت پهچي ويو

خيرپور (رپورٽ مختيار ڦلپوٽو) خيرپور جي سيشن جج مشتاق احمد لغاري جي عدالت شاهه لطيف ڪالوني خيرپور جي رهواسي ڪفايت الله ولد امير بخش رخساڻي جي طرفان داخل ڪرائيل درخواست ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي اسسٽنٽ ڪمشنر خيرپور صفدر ميراڻي، چيف ميونسپل آفيسر سيد جاويد حسين شاهه ۽ يونين ڪائونسل لقمان جي سيڪريٽري آغا نجف پٺاڻ خلاف نوٽيس جاري ڪندي کين عدالت ۾ طلب ڪري ورتو آهي. ڪفايت الله طرفان عدالت ۾ داخل ڪرائيل درخواست ۾ ڄاڻائيو آهي ته 2 نومبر تي کيس لقمان جي علائقي گنج شهيدان قبرستان ڀرسان ڪتي ڏاڙهي ورتو جنهن جي علاج لاءِ اسپتال پهتو مگر اتي ويڪسين نه هجڻ سبب پريشان آهي ۽ سندس زندگي داءَ تي لڳل آهي. جڏهن ته هاءِ ڪورٽ آف سنڌ ڪتي جي ڏاڙهڻ واري مريض کي ويڪسين ڏيڻ جا حڪم جاري ڪيا هيا ۽ ويڪسين جو اسپتالن ۾ هجڻ لازمي قرار ڏنو هيو مگر عملدارن جي لا پرواهي سبب ويڪسين جي کوٽ برقرار آهي جنهن ڪري ذميدارن خلاف ڪيس داخل ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.