ڀوتارن ھٿان ڌرتي ڌڻين جو ٿيندڙ قتل! 

تحرير؛مير ذوالفقار چانڊيو

ڪجھه ڏينهن اڳ پ پ پ جي عورت ايم پي اي ٻارڙن تي ظلم روڪڻ خلاف ٺاھيل حڪومتي ڪميٽي جي چيئرمين شميم ممتاز سکر ۾ مظلومن سان ملڻ وقت بيان ڏيندي چيو ھو ته، تر جو وڏيرو پيءُ برابر ھوندو آھي ۽ پيءُ پنهنجي اولاد لاءِ غلط نه سوچيندو آهي ان بيان کي ٻڌڻ ۽ گذريل ڏينهن سنڌ اندر ڀوتارن، وڏيرن طرفان سنڌ جي غريب عوام کي مارڻ جا 2 ڌار ڌار واقعا آڏو آيا آهن ھڪ ته قمبر شهدادڪوٽ ۾ پ پ پ جي اڳوڻي ايم پي اي وڏيري امجد گنھور اسراڻ برادريءَ جي جھيڙي ۾ سيال برادريءَ تي سرعام فائرنگ ڪرڻ جي نتيجي ۾ ھڪ مظلوم عورت بيگناھ فوت ٿي وئي  جنهن جو ظاھري طرح ڪو ڏوھ نه ھو پر افسوس ھوءَ ظالم معاشري اندر ھڪ وڏيري جي ھٿان مارجي وئي.

 ان واقعي سان گڏ ساڳئي ڏينهن تي ملير ضلعي ۾ اھڙي قسم جو ساڳيو واقعو سامهون آيو آهي جتي ھڪ بدمست وڏيري پ پ پ جي موجوده ايم پي اي ڄام اويس جوکيو عرب شھزادن کي شڪار ڪرڻ لاءِ پنهنجي برادريءَ جي ڳڀرو جوان سوشل ورڪر ناظم جوکيو تي تشدد ڪري کيس ماري ڇڏيو آهي جناح اسپتال جي پوسٽ مارٽم رپورٽ مطابق ته نوجوان کي تشدد ڪري ماريو ويو آهي سندس اوچتي اڻمدائتي تر جي وڏيري ھٿان شھادت سبب سندس جيجل ماءُ روئي روئي بيحال لڳي پئي آهي ھون به جنهن جيجل ماءُ جو جوان پٽ ڪنهن ظالم جي ھٿان بيدرديءَ سان ماريو وڃي ته ان جو گھڻو ڏک ٿيندو آهي حقيقت آهي ته جتي باھ ٻري اھا جاءِ جلي باقي عوام کي ڪھڙي خبر ته ناظم جوکيو جو گھر ڪيئن اجڙي ويو. ان جي معصوم ٻارڙن کي يڪدم ڪيئن يتيم ڪيو ويو.

 ملير واقعي مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته تر جو ھڪ وڏيرو پنھنجن ماڻھن لاءِ پيءُ برابر نه پر ھڪ دشمن برابر ٿي سگهي ٿو جيڪو مختلف موقعن جي نسبت سان پنهنجي تر جي غريبن مسڪينن تي ظلم ڪندو رھي ٿو اھڙا کوڙ سارا واقعا سنڌ اندر جنم وٺندا رھندا آھن پر اُنھن مظلومن جو ڪجھه نه ٿيندو آهي، مارجي ويل ناظم جوکيو جو ڏوھ صرف اھو ھو ته هو عرب شھزادن جي ويڊيو رڪارڊ ڪري رهيو هو ته سياري جي شروعات ۾ عرب شھزادا توڙي دبئي جا شيخ سنڌ ۾ اچي وڏيرن ڀوتارن جي معرفت غير قانوني طريقي سان تلور پکين سان گڏ مختلف پکين جو شڪار ڪندا آھن، مطلب ته نوجوان ھڪ غير قانوني ڪم کي روڪڻ ۽ مھمان پکين جي حفاظت ڪرڻ لاءِ پنهنجي ذميواري پوري ڪري رهيو هو جنهن سبب پنهنجي زندگيءَ تان ھٿ ڌوئي ويھي رھيو.

ڪيڏي وڏي افسوس جي ڳالھه آهي ته ھڪ وڏيري وٽ ھڪ انسان جي قيمت ويڊيو رڪارڊ ڪرڻ جي برابر به نه آهي ان واقعي مان ثابت ٿئي ٿو ته وڏيرن ڀوتارن کي ڌرتي ڌڻين برادريءَ جي غريب عوام کان عرب شھزادا وڌيڪ پيارا آهن، ٻئي پاسي اقتدار ۾ شامل عورت اسيمبلي ميمبر چئي رھي آھي ته تر جو وڏيرو پيءُ برابر ھوندو آھي جيڪڏھن ائين سچ ھجي ھا ته پوءِ ھڪ ڏينھن ۾ سنڌ اندر وڏيرن ڀوتارن ھٿان 2 انساني جانيون ضايع نه ٿين ها! ھڪ ڏينھن اندر سنڌ ۾ ٻن افسوسناڪ واقعن تي عوام جو سخت ردعمل سامهون اچي رھيو آھي خاص ڪري ملير واقعي تي عوام وڏي ڪاوڙ ۽ ڏک جو اظهار ڪري رهيو آهي ته جلد کان جلد ظالم وڏيري ۽ سندس سھولتڪارن کي گرفتار ڪري جيل موڪليو وڃي پر افسوس ته اسان وٽ روايتي طور وڏيرن ڀوتارن جي ڪارن ڪرتوتن کي لڪائڻ لاءِ غريبن کي ڦاسايو ويندو آهي، بلڪل ھتي به ساڳي ڳالهھ آهي ته وڏيرن کي ڇڏي باقي سندس ٻن سيڪورٽي گارڊن کي گرفتار ڪيو ويو آهي ٿوري پگھار کڻندڙ عام مزدور گارڊ ايترو وڏو ظلم پنهنجي سر پاڻ نه پر پنھنجي ڀوتارن جي چوڻ تي ڪري سگهي ٿو جيڪو عمل پڻ ظلم ڪرڻ ۾ شمار آهي جيترو فائرنگ ڪري قتل ڪرڻ ڏوھ آهي بلڪل ان طرح اشاري بڇ ڪرڻ وارو به برابر جو ڏوھاري آھي

 ايئن ٿو لڳي ته سنڌ اندر ڀوتارن سردارن ۽ طاقتورن کي ڪو قانوني سرٽيفڪيٽ مليل آهي ته هو جنهن کي چاهين مارائي ڇڏين جنهن کي چاهين کنڀي گم ڪري ڇڏين جنهن کي چاهين جيل اماڻي ڇڏين ماضيءَ ۾ ڌارين طرفان ڌرتيءَ ڌڻين جو سرعام قتل ڪيو ويندو ھو ھاڻي ائين محسوس ٿي رهيو آهي ڌرتي ڌڻين جا دشمن ڪي ڌاريا نه پر پنھنجي ڌرتي جا ڀوتار آهن افسوس ته اسان وٽ قانون صرف غريبن کي سزا ڏيڻ جي حد تائين مضبوط آهي باقي وڏيرن ڀوتارن لاءِ قانون ڪمزور آهي جيڪو اھي پيسن سان خريد ڪري ڇڏيندا آهن، عوام جي سخت ردعمل سامهون اچڻ کان پوءِ صاف ظاهر ٿئي ٿو ته عوام اھڙن بدمست وڏيرن مان باغي بڻجي چڪو آهي جيڪو سرعام انقلاب جو نعرو هڻي ميدان تي نڪري نٿو سگهي پر پنهنجي وس آهر انهن ڀوتارن جي غلط ڪمن ڪارين جي سرعام مخالفت ڪري ظاھر ڪري رهيو آهي، ملير واقعو ان جو واضح مثال آهي ته ھڪ وڏيري ۽ ان جي شڪاري شھزادن کي پنهنجي سرزمين تي شڪار تان روڪڻ سبب نوجوان پنهجي زندگي تان هٿ ڌوئي ويٺو حقيقت ۾ ھي ھڪ ناظم جو قتل نه پر سنڌ جي شعور جو سرعام قتل آهي ناظم شعور رکندڙ ھڪ انقلابي سوچ رکندڙ ماڻهو ھو جيڪو پنهنجي وس آهر ڪوششون ڪري سنڌ اندر انقلاب آڻي غريبن مظلومن کي وڏيرن ڀوتارن جي غلامي مان آزاد ڪرڻ جا خواب ڏسندو ھو جيڪي سندس خواب پورا ته نه ٿي سگهيا ۽ هو  پنهنجي انقلابي شروعات ۾ پنھنجي جان جي قرباني ڏئي عوام کي پيغام ضرور ڏئي ويو ته ھي ڀوتار توهان کي ڪيترو به ڌمڪائين مارين پر توھان کي ۽ حق سچ جو رستو اختيار ڪرڻو آهي، جنهن رستي تي ھلندي ھلندي ھزارين نوجوان پنهنجي مقدس سنڌ ڌرتيءَ تان جان گھوري ھليا ويا جن جي قاتلن کي نه ڪا سزا ملي سگهي ۽ نه وري انھن بيگناھ شھيد ٿيندڙن جي خون سان ڪو انصاف ٿي سگهيو، بلڪل اھڙي طرح ھي ملير واقعو به ڪجھه ڏينهن جي ڪاوڙ احتجاجي مظاھرن ۾ سرفهرست ھوندو، ان کان پوءِ اھو ساڳيو واقعو ٻين واقعن جيان ھر ماڻھو کان ائين وسري ويندو جيئن ملڪ اندر عدالتن کان غريبن کي انصاف ڏيڻ وسري ويو آهي.

 

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.