شهيد ناظم جي وني مائي جندو جهڙو ڪردار ادا ڪري: جسقم اڳواڻ

سڪرنڊ(ن ع آ) سنڌ حڪومت ۽ سنڌ پوليس قومي عوامي دَٻاءَ جي ڪري ايم پي اي سردار اويس گهرام کي گارڊن سميت گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو جڏهن ته عرب زادو  اڃان گرفتار ناهي ٿيو اهڙن خيالن جو اظهار جسقم ضلعي نوابشاهه جي چيف آرگنائيزر شعبان ماٽي ،امداد لغاري ، جيئمسٽ مسعود شاهه ،باغي عارف خاصخيلي ۽ ساجن مغيري ضلعي باڊي جي اجلاس بعد پنهنجي پريس پڌرائي ۾ ڪندي چيو. هنن وڌيڪ چيو ته ته پ پ پ سرڪار جي سرپرستي ۾ سنڌ پوليس سردار کي بچائڻ لاءِ گارڊن پاران ناظم جوکيو کي پاڻمرادو قتل ڪرڻ جو ڪوڙو اعتراف نامو عدالت ۾ پيش ڪري بااثر قاتل کي بچائڻ لاءِ محفوظ رستو پئي ٺاهي جسقم اڳواڻن شهيد ناظم جوکيو جي وَنِي کي اپيل ڪندي چيو ته هوءَ سنڌ جي مزاحمتي ڪردار مائي جندو جيان اڳيان اچي انصاف لاءِ جدوجهد ڪري اسين جهولي فنڊ ڪري به سندس ٻچڙن جي سهائتا ڪنداسين.

  • افضل جوکئي سنڌ واسين جا ٿورا مڃيا

ملير : شهيد ناظم جوکيو ڪيس جي  فريادي افضل جوکيو ملير بار سنڌ بار ، سپريم ڪورٽ ، ھاءِ ڪورٽ جي وڪيلن سميت سياسي سماجي ڌرين ۽ سنڌ واسين جا ٿورا مڃيا ، ھن چيو ته ھن ڏکئي وقت ۾ مون سان پوري سنڌ بيٺل آھي،

  • دودو ديشي شهيد ناظم جوکئي جي تڏي تي پهتو

ملير (ڊ ر) شهيد ناظم جوکيو جي ناحق قتل تي سندس تڏي تي پهچي جسقم جي مرڪزي اڳواڻ ڪامريڊ دودو ديشي، غلام قادر مڱريو، فرمان ڦلپوٽو، سجاد ڀٽي شهيد جي شھيد ناظم جوکيو جي ڀاءُ افضل جوکيو سان تعزيت ڪئي، دودو ديشي صحافين سان ڳالهائيندي ناظم جوکيو جو انتهائي دردناڪ قتل آھي جنهن جي مذمت ڪجي ٿي، هن عرب شيخن جي شڪار تي مڪمل پابندي عائد ڪرڻ جي گهر ڪئي، شهيد جي خون سان انصاف ڪيووڃي سردارن کي سزا ملڻ کپي، مظلوم خاندان سان انصاف ڪيووڃي، ٻئي ملير جي صحافي علي محمد گبول جي پٽ جي وفات تي پڻ تعزيت ڪري ڏک ونڊيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.