سردارن خلاف مزاحمت شروع ٿي وئي، ميڊيا جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي: زين شاهه

سڪرنڊ (لطيف جمالي )ايس يو پي اڳواڻ سيد زين شاهه پاران سڪرنڊ ۾ ايس ٽي پي اڳواڻ ايوب کوسو جي ڀاءُ جي وفات تي ساڻس تعزيت ڪئي، ان موقعي تي ايس يو پي اڳواڻ سيد زين شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جي اڪثر سردارن جي هن چار مهينن ۾ سيزن شروع ٿيندي آهي جنهن دوران هي ٻاهر کان ايندڙ عربن ۽ ٻين کان شڪار بهاني دلالپ لاءِ روزگار ڪندا آهن،مزاحمت ڪرڻ تي سنڌ جي ڪونڌرن کي ڪهن ٿا ۽ نياڻين جو عزتون نيلام ڪرائين ٿا، هن چيو ته اسان جي پکين ۽ جانورن جي نسل ڪشي ٿي رهي آهي هو، پرمٽ جا ملندڙ پئسا به ڪرپشن جي ور چڙهي ٿا وڃن، شڪار جي لائسنس تي هاڻ پابندي لڳڻ گهرجي، هن چيو ته هاڻ سنڌ جو ماڻهو ۽ نياڻيون مزاحمت ۽ مهاڏو اٽڪائڻ شروع ڪيو آهي جيڪا سٺي ڳالهه آهي، هاڻ ميڊيا جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي ان موقعي تي فقير قادري ، قاسم سومرو ، شاهنواز ڪيريو ، جاويد کوکر، گلزار انڙ ۽ ٻيا موجود هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.