خورشيد شاهه پاران پي ڊي ايم ۾ پ پ جي ٻيهر شموليت جو اشارو

سکر (رپورٽر) پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه حڪومت مخالف سياسي اتحاد پي ڊي ايم ۾ ٻيهر شموليت جو اشارو ڏئي ڇڏيو، سکر ۾ صحافين سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته سياست ۾ ڪو فيصلو آخري ناهي هوندو، حالتن سان فيصلا تبديل ٿيندا آهن ۽ بگڙندا به آهن، هن چيو ته پي ڊي ايم ۽ پ پ جو پارليامينٽ ۾ حڪومت خلاف هڪ ئي موقف آهي، استعيفائن بابت پ پ کي ئي فالو ڪيو پيو وڃي، استعيفيٰ نه ڏيڻ سان اپوزيشن کي جيڪي فائدا ٿي رهيا آهن، اهي سڀني جي سامهون آهن، سندس چوڻ هو ته منهنجي شهباز شريف، فضل الرحمان ۽ ٻين اپوزيشن اڳواڻن سان ڳالهه ٿي آهي ۽ پارٽي سدائين منهنجي راءِ کي اهميت ڏني آهي، خورشيد شاهه چيو ته ڊالر جو اسڪينڊل دنيا جو سڀ کان وڏو اسڪينڊل هوندو، ڊالر جي قيمت 110 رپيا هئي، هاڻ 175 تائين وڃي رهي آهي، جڏهن ته في يونٽ بجلي جي قيمت 11 رپين مان وڌي 29 رپيا ٿي وئي آهي. هن چيو ته ڊسمبر تائين پيٽرول 150 ۽ ڊالر 200 روپين تائين پهچندو جيڪو هڪ خطرناڪ اسڪينڊل آهي، جنهن جي خبر هن حڪومت کي وڃڻ کانپوءِ پوندي، هي ڊالر اسڪينڊل دنيا جو سڀ کان وڏو اسڪينڊل ثابت ٿيندو.

  • لياري ۾ عقيقي ڪاڄ دوران پوليس ڪڙڪي پئي، ڪيترائي گرفتار

ڪراچي (رپورٽر) لياري ڪلاڪوٽ ٿاڻي جي حد ۾ عقيقي جي ڪاڄ دوران ايس ايڇ او ڪلاڪوٽ ڌاڙيلن وانگر ٽينٽ ۾ ڪاهي پيو ۽ ڪجهه ماڻهن کي گرفتار ڪري ويو، جنهن ۾ هڪ عورت پڻ شامل آهي، پاڪستان بلوچ ايسوسئيشن اڳواڻن سليم بلوچ ۽ ٻين اڳواڻ توڙي عورتن جو چوڻ آهي ته ايس ايڇ او اسان تي منشيات جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪري تنگ ڪري رهيو آهي، ايس ايڇ او آصف منور پنھنجي اسپيشل ٽيم ٺاهي آهي جيڪي منشيات کڻي اسان جي گهرن ۾ داخل ٿين ٿا پوءِ وري منشيات اسان جي گهرن مان ظاهر ڪري اسان مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪن ٿا، هنن چيو ته ايس ايڇ او اسان جي گهر ۾ غيرقانوني ڇاپا هڻي اسان جي هڪ نوجوان کي گرفتار ڪري کڻي ويو آهي جنهن جي آزادي لاءِ اسان کان ڀنگ طور 10 لک روپيا گهري رهيو آهي، هنن وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، آءِ جي سنڌ مشتاق احمد مھر، ڪراچي پوليس چيف ۽ ڊي آءِ جي ڏکڻ کان مطالبو ڪيو آهي ته ايس ايڇ او آصف منور کي فوري طور تي برطرف ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي، ٻئي صورت ۾ ايس ايس پي سٽي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو.

  • حڪومت ٽي ايل پي سان ٿيل معاهدو ايوان ۾ پيش ڪري: شهباز شريف

اسلام آباد (م ڊ) مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف تحريڪ لبيڪ پاڪستان سان معاهدي کي پارليامينٽ ۾ آڻڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته ڪالعدم تنظيم سان معاهدي بابت حڪومت پارليامينٽ ۾ اچي ٻڌائي، هر شئي ڳجهي آهي، تنهن ڪري حڪومت ٻڌائي ته ڪهڙو معاهدو ٿيو آهي، هن چيو ته ڪالعدم تنظيم تان پابندي کڻڻ جي معاملي تي مشاورت سان جواب ڏينداسين.

  • 20 ڪروڙ  جي چوري مان پوڻا 6 ڪروڙ مليا: جوابدار جو اعتراف

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي آءِ آءِ چندريگر روڊ تان هڪ خانگي بئنڪ جي وين سميت 20 ڪروڙ 50 لک کڻي فرار ٿيندڙ جوابدار حسين شاهه جي گرفتاري کانپوءِ جاچ دوران انڪشاف ڪيو آهي ته واقعي جو ماسٽر مائينڊ روپوش ٿيل ذوالفقار آهي، گرفتار ٿيل مک جوابدار حسين شاھ وڌيڪ چيو ته ذوالفقار جي حصي ۾ 4 ڪروڙ 30 لک رپيا آيا، واردات جي ماسٽر مائينڊ ئي مون کي سيڪيورٽي ڪمپني ۾ ڀرتي ڪرايو جوابدار حسين شاھ جاچ دوران ٻڌايو ته رقم چوري ڪافي ڏينهن کان تاڙ ۾ هئا، واقعي واري ڏينهن جوابدار حسين شاھ وين ۾ وڏي رقم ڏسي پنهنجي ساٿين کي مس ڪال ڏئي سگنل ڏنو، جوابدارن رقم سان ڀريل پيتيون پھلوان ڳوٺ منتقل ڪيون، رقم سان ڀريل وين ذوالفقار جا سئوٽ ڪاهي ويا، جتي رقم جي تقسيم ٿي، جوابدار حنيف الله جي حصي ۾ 3 ڪروڙ 50 لک روپيا، سلمان ۽ امين کي اڍائي اڍائي ڪروڙ مليا، عابد کي 80 لک روپيا حصي ۾ ڏنا ويا، وين ڊرائيور حسين شاهه جي حصي ۾ 5 ڪروڙ 80 لک روپيا آيا.

  • ڪراچي ۾ فائرنگ ۽ ڇرين جا وار ڪري عورت سميت 3 ڄڻا قتل

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ فائرنگ ۽ ڇرين جي وار ڪري عورت سميت 3 ڄڻا قتل ۽ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا،  ڪالهه بلديا ٽائون سيڪٽر 12 بي ڀرسان گهر نمبر 1 مان 35 ورھين جي عورت فرزانا زال لبها جو لاش ۽ سندس مڙس 48 ورھين جو لبھا ولد معراج الدين زخمي حالت ۾ مليو، اهڙي طرح ماڙيپور ٿاڻي جي حد ۾ ھمليا فائرنگ رينج ڀرسان جوابدارن ڇرين جا وار ڪري 50 ورهين جي حبيب ولد روشن کي قتل ڪري ڇڏيو،  شھباز ڳوٺ ۾ فائرنگ جي واقعي ۾ سڪندر ولد محمد اڪبر زخمي ٿي پيو، هوڏانهن سرجاڻي ٽائون سيڪٽر 4 ۾ ھٿياربندن فائرنگ ڪري 35 ورهين جو نوجوان جھانزيب ولد اسلم زيدي قتل ڪري ڇڏيو، فائرنگ ۾ 60 ورهين جو پيرسن سيد شمس الحسن زيدي زخمي ٿي پيو، زخمي کي عباسي شھيد اسپتال منتقل ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.