نوابشاهه: ڳوٺاڻن پاران وڌندڙ بدامني خلاف علامتي بک هڙتال ڪئي وئي

نوابشاهه ۾ ڳوٺاڻاڻن پاران وڌندڙ بدامني خلاف علامتي بک هڙتال ڪئي وئي.

نوابشاهه ڀرسان ڳوٺ ميان شورا جي رهواسين پاران وڌندڙ بدامني خلاف پير ناصر الدين، پير مظهر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب ٻاهران علامي بک هڙتال ڪئي وئي.

ان موقعي تي ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته کڏھر ٿاڻي جي حد ۾ چورين ۽ ڦورن جو آزار روز جو معمول بڻيل آهي، چورن کي بااثرن جي پٺڀرائي حاصل هجڻ ڪري پوليس انهن خلاف ڪارروائي ناهي ڪري رهي، بدامني ماڻهو گھرن تائين محدود ٿي ويا آهن.

هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته کڏهر ٿاڻي جي حد ۾ امن امان بحال ڪرائي جان ۽ مال جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.