اشتهارن ۾ رڳو عورتون ڏيکارڻ تي پيمرا سان ڳالهائيندس: طاهر اشرفي

لاهور (م ڊ) مذهبي هم آهنگي بابت وزيراعظم جي خاص نمائندي علامه طاهر محمود اشرفي چيو آهي ته ملڪ ۾ خوبصورت مردن جي کوٽ ناهي پر اشتهارن ۾ عورتن کي شامل ڪيو ويندو آهي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي طاهر اشرفي چيو ته ڪالعدم تحريڪ لبيڪ سان معاملو بهتر انداز ۾ حل ٿيو، رياست جو ڪردار ماءُ جهڙو هجڻ گهرجي پر اولاد کي به ماءُ جو ڳلو نه پڪڙڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته جنسي ڏوهن ۾ واڌ ٿي آهي، زيادتي ڪندڙ 10 ماڻهن کي سرعام ڦاهي ڏني وڃي ته ڏوهه گهٽجي ويندا. طاهر اشرفي وڌيڪ چيو ته هر اشتهار ۾ عورت جو ڪردار وجهڻ جي خلاف آهيان، ملڪ ۾ خوبصورت مردن جي کوٽ ناهي پر اشتهارن ۾ عورتن کي شامل ڪيو ويندو آهي، تنهن ڪري اشتهارن ۾ غير ضروري طور عورتن جو ڪردار شامل ڪرڻ تي پيمرا ۽ پي ٽي اي سان رابطو ڪنداسين. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.