قاضي احمد جو ٻه دليون رکندڙ ٻار

 

سيوهڻ (ويب ڊيسڪ) سيوهڻ جي سيد عبدالله شاهه ميڊيڪل انسٽيٽيوٽ ۾ علاج هيٺ ٻار جي جسم ۾ ٻه دليون هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

ٻه دليون رکندڙ 4 ورهين جي ٻار جو واسطو نوابشاهه جي علائقي قاضي احمد سان آهي، ٻار جي پيءَ جو چوڻ آهي ته پٽ کي چيڪ اپ لاءِ اين آءِ سي وي ڊي سيوهڻ آندو ويو ته ڊاڪٽرن ان جون مختلف ٽيسٽون ڪيون.

اين آءِ سي وي ڊي سيوهڻ جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر معين الدين صديقي موجب ٽيسٽ ۾ ٻار جي جسم ۾ ٻه دليون نڪتيون، 4 ورهين جي ڪامران جي هڪ دل ساڄي پاسي ۽ ٻي کاٻي پاسي کان آهي.

ڊاڪٽر ٻڌايو ته ميڊيڪل سائنسز ۾ جسم ۾ ٻن دلين جا ڪيترائي ڪيس سامهون ايندا آهن.

هوڏانهن دل جي مرضن جي ماهر ڊاڪٽر عبدالرحمان جمالي جو چوڻ آهي ته مان پهريون ڀيرو اهڙو ڪيس ڏٺو آهي، ٻن دلين سبب ٻار کي اڳتي تڪليف ٿي سگهي ٿي، ٻار کي علاج لاءِ ڪراچي موڪلينداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.