مقتول جي وني لاءِ گهائيندڙ گهڙيون ۽ سماجي بيهڪ ۾ انصاف جي گهرج

تحرير؛عرفانه ملاح

شيرين جوکيو پھنجي ھنج ۾ ٿڃ پياڪ ٻار سان گڏ بي يقيني واري ڪيفيت ۾ شھيد ناظم جوکيو جي گھران کڄي وڃڻ وارو داستان پنھنجي درد ڀري لھجي ۾ ٻڌائي رھي ھئي، سندس معصوم ٻار آس پاس کيڏي رھيا ھا . عورتن جو وڏو ھجوم ھو سڀ ھڪ ئي ڳالھه تي ڏکوئيل ھيون ته ڪيئن ھڪ معصوم انسان کي بي ڏوھي گھران گھرائي ماريو ويو . انھن عورتن جي غصي ۽ ڪاوڙ جو مرڪز وڏيري کان وڌيڪ سندس ڪمدار ھيو. وڏيري جي ڪمدرا ناظم جوکئي کي پھنجي ڪوٽ ۾ تشدد ڪري ماري وڌو ھو. ٺيٺ لاڙي لھجي ۾ ناظم جوکئي جي وني روئي روئي پنھنجي سيني ڏانھن اشارو ڪندي چيو ته ھوء ته ٻن ڏينھن کان پنھنجي معصوم ٻارکي ٿڃ به پياري نه سگھي آھي. ھڪ ماءُ لاءِ ان کان وڏي ڪھڙي صدمي جي گھڙي ھوندي ، جڏھن ھوءَ پھنجي ٻچي کي ٿڃ ڏيڻ کان به لاتعلق ٿي وڃي . اھا اذيت ،غصو ،صدمو ، بي يقيني ۽ درد جي انتھا واري ڪيفيت ھئي جنھن ھن کي پنڊ پھڻ ڪري ڇڏيو ھو. ناظم جوکئي جي وني شيرين ھڪ اھڙي صدمي مان گذري رھي آھي جو کيس يقين ئي نه ٿو اچي ڪيئن ڪير ايترو ظالم ٿي سگھي ٿو . ھن جو گھر وارو ته ايترو حساس دل رکندڙ انسان ھو جو مسافر پکين جي شڪار تي به ھڪ طاقتور خلاف آواز بلند ڪرڻ کان نٿي ڊنو. جيڪي پکين جي پيار ۾ پنھنجو سر ڏئي اعتبار ايندو ته ڪي رھزن ماڻھو بي گناھ انسان کي ماري سگھن ٿا. ناظم جوکيو جي ماءُ پھنجي ٻچي جي ناحق قتل تي سراپا احتجاج آھي ، سندس درد ڀري دانھن ھر دل کي جھوري وڌو آھي. گھڻائي ته ان تي حيران آھي ته ، آخر اھا ڪھڙي ننگي طاقت آھي جو ھڪ ماڻھو کي صرف ان ڪري ماريو وڃي جو ھن ھڪ عرب شڪاري جي ڪار جو وڊيو رکي اھو ٻڌايو ھو ته ھي عرب سڳورا قانون کان مٿانهان آھن ۽ ھنن کي اجازت آھي ته ناياب نسل جي پکين جو شڪار ڪن؟ ھن کي ته ڄاڻ ئي نه ھئي ته انھن عربن جا اصل سھولتڪار ڪير آھن ، ۽ ڄام اويس جيڪو حڪمران پارٽي جو ايم پي اي به آھي اھو پھنجي ڌرتي جي پکين جي بقا واري سوال ته ايترو مڇرجي پوندو جو کيس پھنجي پالتو کان کيس شڪار ڪرائيندو. جيتوڻيڪ سنڌ جھڙي پوئتي پيل ، روايتي سماج ۾ پکين ڇا انسان جي جان جي به ڪا اھميت نه آھي پر ان جي باوجود ڪڏھن ڪڏھن ڪجهھ ماڻھون پھنجي ارد گرد جي ماحول جي تحفظ خاطر اٿي بيھي رھندا آھن ، انھن تي ٿيندڙ ردعمل جي نتيجي ۾ ماڻھن جو ڌيان اوڏانھن ڇڪجي وڃي ٿو ته ڪيئن معصوم مسافر پکي شڪار ڪيا وڃن ٿا. انھن جو تحفظ ڪرڻ ڪيترو ڏکيو آھي. جنھن سماج ۾ آنسان جي جان سستي ھجي اتي مسافر پکين لاءِ آواز اٿارڻ ڪيتري نه اعلي خصلت آھي. شھيد ناظم جوکيو ھنن خصلتن جي ڪري ئي اڳيان وڌي شڪارين جي ستار روڪ ڪئي، ۽ ھن جي عمل جي نتيجي ۾ ان ڏينھن ڪجهھ پکي ڪي گھڙيون وڌيڪ ھوا ۾ اڏي سگھيا ھوندا. سنڌ جھڙي سماج ۾ اھڙن واقعن تي احتجاج گھٽ ئي ٿئي ٿو. شھيد ناظم ان خلاف آواز بلند ڪيو ۽ پھنجي جان وڃائي ويٺو .

غريبن ۽ اٻوجھن کي پھرين ئي اھا ستي پياري وڃي ٿي ھر ظلم سھڻ سندن قسمت آھي ۽ ھر ناانصافي کي برداشت ڪرڻ کانسواءِ ھنن لاءِ ڪو ٻيو چارو نه آھي. اتي تنھن ڪري ئي اھڙا واقعا ٿيندا رھن ٿا ۽ ھڪ تسلسل سان ٿي رھيا آھن. ڪجهھ ڏينھن پھرين اھڙن ئي رھزنن ھٿن ۽ طاقتور ڌرين پاران مسڪين ملاحن جا قبرستان ۾ پوريل ھڏا ڪڍي اڇلايا ويا ھئا جنھن تي پڻ شديد احتجاج ٿيو. (اھا ٻي ڳالھه آھي ته جيڪي ناظم جوکئي جي تڏي تي ويھي انصاف جو مطالبو ڪري رھيا ھئا آھي جيڪي پنھنجي تر جي ملاحن جي تڏي تي نه وڃي سگھيا. ملاحن جي قبرن جي بي حرمتي ۽ لاشن جي ھڏا اڇلائڻ واري عمل تي سندن آٿت ۽ در لڙي اچڻ لاءِ انھن لاءِ ملاحن جو اکيون اڃا تائين واجھائي رھيون آھن ). ايئن سنڌ جي سورمي مائي جندو کي ڪير وساري سگھي ٿو جنھن جي جوان پٽ کي ماريو ويو، ھو انصاف جي فراھمي لاءِ احتجاج جو استعارو بڻجي وئي ، جڏھن ته سندس لازوال جدجھد جي نتيجي ۾ قاتل ڦاسي تي چڙھي ويا ، پر مائي جندو سان انصاف نه ٿيو سندس سماجي رتبو ساڳيو رھيو ،ھوءَ پيٽ گذاري لاءِ جاکوڙ ڪندي رھي زمين کين وري به نه ملي. مائي جندو کان پوءِ به ڪيتريون ئي مايون ائين سينا ڪوبي ڪندي رھزن ھٿان قتل ٿيندڙ ڳڀرو جوان پٽن جا سرد جسم ، ڳرا لاش پھنجي پوڙھن ڪُلھن تي کڻنديون رھيون آھن. اڄ ناظم جوکئي جي پوڙھي ماءُ جي ڪلھن تي جوان پٽ جو لاش آھي. جيتوڻيڪ پوري سنڌ ھن سان گڏ بيٺل آھي ، قاتل مٿان ايف آءِ آر به ڪٽجي چڪي آھي پر سندس ڪُلھن جو بار نه گھٽيو آھي ، انصاف جي ڊگھي سفر تي ھوءَ ۽ سندس خاندان اڪليو ھوندو. ان وچ ۾ ھڪ ٻيو فرد اھڙي طاقت جو شڪار ٿي ويندو ، سڄي مخلوق وري ان لاءِ انصاف جي گھر ڪرڻ ۾ لڳي ويندي.

آخر اھو ڪھڙو انصاف آھي جنھن جي سڀ گھر ڪن ٿا ، ڇا قاتل کي ڦاھي چاڙھڻ کانپوءِ سڀ ٺيڪ ٿي ويندو. ان پوري عمل دوران شايد ئي ڪنھن غور ڪيو ھجي ته آخر ھي سڀ ماڻھو ڪھڙي انصاف جا متلاشي آھن، ھنن وٽ انصاف جو مطلب ڇا صرف قاتل خلاف قانوني ڪارروائي ڪرڻ تائين محدود آھي ؟ يا ان کان اڳيان به انصاف جي ڪا ٻي وصف ٿي سگھي ٿي. اھڙو انصاف جيڪو واقعي متاثر ڌر کي مطمئن ڪري سگھي، ڇا ڪو اھڙو انصاف ممڪن به آھي؟ جيڪڏھن اھڙي انصاف جي ڪا وصف موجود آھي ته اھا ڪھڙي آھي. ڇا ھن اڻبرابري واري سماج ۾ انصاف جي ڪا اھميت به آهي. ڏٺو وڃي ته انصاف جا ڪيترائي پاسا آھن ، انصاف رڳو عدالتن جي ڪٽھڙي ۾ بيھڻ سان نه ملندو آھي،اھو ته رڳو انصاف جو قانوني پھلو آھي، جنھن کي قانون جي حڪمراني سان ڳنڍي سگھجي ٿو، جيڪو پڻ به تنھن حد تا ئين ضروري آھي.پر ڇا رياستي قانون واقعي انصاف تي بيٺل آھن ،اھو به ھڪ سوال آھي. ڇاڪاڻ ته مشھور فلاسافر ھابس مطابق قانون طاقت يا اٿارٽي جي بنياد تي ٺھندا آھن ، آھي سچ ۽ برابري جي بنياد تي وجود ۾نه ايندا آھن.

ھن مطابق قانون اڻبرابري جي تحفظ ۽ طاقتور طبقو پھنجي بچاءَ لاءِ ۽ ان تحفظ لاءِ ٺاھيو ويندو آھي. جئين ضياءُ الحق جي دور ۾ حدود آرڊيننس ، قانون شھادت جھڙا ڪارا قانون لاڳو ڪيا ويا جيئن ھڪ مخصوص سوچ کي رائج ڪري سگھجي، تنھن ڪري رڳو قانون جي بنياد تي انصاف جي گھر ڪرڻ ڪافي نه آھي. حدود آرڊيننس ۾ جيڪڏھن ڪا عورت پھنجي زنا جا چار گواھ پيش نه ڪندي ته کيس ڪوڙا لڳندا ۽ سزا ايندي. ڇا ان قسم جي قانون جو لاڳو ٿيڻ ۽ ان مطابق انصاف ڪرڻ واقعي انصاف ھوندو يا انصاف جي نالي ته ڪارو داغ ھوندو. تنھن ڪري انصاف جي سڀني پھلوئن کي سمجھڻ گھرجي . قانوني طور سزا اچڻ انصاف جو رڳو ھڪ پھلو آھي. اصلي انصاف جو اھم پھلو سماجي ۽ اخلاقي انصاف آھي. قانوني پھلو ته ملڪ ۾ مروج قانون مطابق سزا۽جزا سان جڙيل آھي ۽ قانوني انصاف جي تقاضه آھي ته ھرماڻھون ان قانون جو پابند رھي ، جيڪو پڻ سماج ۾ ترقي لاءِ ضروري آھي .

ايتري قدر جو سقراط رائج قانون مطابق زھر جو پيالو پيڻ پسند ڪيو ۽ پھنجي شاگردن جي صلاح مطابق قانون کي ٽوڙي نڪرڻ واري آڇ کي اھو چئي رد ڪيو ته قانوني انصاف کي ھر ماڻھوکي مڃڻ گھرجي ۽ ان کي ٽوڙڻ بھتر روايت نه ھوندي پوءِ کڻي اھو انصاف انڌو ۽ استحصالي نظام تي ٻڌل ڇو نه ھجي. جڏھن ته جديد دور ۾ ان قسم جي قانوني انصاف کي مڃڻ يا ان تي ويساھ رکڻ ان وقت تائين درست نه ٿو سمجھيو وڃي جيستائين ان قانون کي جوڙيندڙ سماج يا طاقت پاڻ انصاف پسند نه ھجي. جڏھن ته حقيقي انصاف اھو انصاف آھي جيڪو سماجي، معاشي ، معاشرتي برابري ۾ يقين رکندڙ ھجي. سماجي انصاف وارو تصور ان معاشري جي تاريخي ارتقائي عمل سان گڏ جڙيل ھوندو آھي،ان سماج جي ڪلچر، رسمن روايتن تي ٻڌل ھوندو آھي. تنھن ڪري اھو چوڻ ته قانوني انصاف بجاءِ سماجي انصاف جي آڌار تي فيصلا ٿيڻ گھرجن، اھو به درست نه آھي. ڇاڪاڻ ته روايت پسند سنڌي معاشري ۾ عورت کي ڪاري ڪري مارڻ به ڪلچر جو حصو ۽ سماجي انصاف جي عين مطابق آھي. ان ساڳي سماجي انصاف ۾ وڏيري کي به اعلي رتبو مليل آھي. سماج ۾ کيس معتبر سمجھيو وڃي ، ان جي طاقت کي ھڪ مڃتا مليل آھي ،

ماڻھو پاڻمرادو وڏيري ، سردار ، چڱي مڙس جي طاقت کي مڃن ٿا . طاقت رڳو طاقت جي زور تي زنده نه رھندي آھي، پر طاقت پنھنجي لاءِ سماجي پسنديدگي ،پاڻ لاءِ ماڻھن جي دلين ۾ ويساھ ۽ راضپو به پيدا ڪندي آھي. تيئن سماج وڏيري جي طاقت کان مرعوب به رھندو آھي ته کيس رول ماڊل به سمجھندو آھي . پھنجي سماج ۾ آفيسر به وڏيرا ٿيڻ چاهيندا آھن ، سي آيس ايس پاس ڪري پھريون ڪم ڳوٺ ۾ اوطاق ٺھرائڻ هوندو آھن. ساڳي طرح ڪيترائي سماٽ به سردار سڏائي طاقتور سان بيھڻ پسند ڪندا آھن . ساڳئي طرح ملڪي فوج پنھنجي ھٿيارن سان گڏ شھيدن کي پنھنجي لاءِ استعمال ڪندي آھي. ھٿيارن سان رعب ۽ دٻدٻو ويھارڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آھي ته شھيدن کي اڳيان ڪري پنھنجي پاليسين لاءِ مڃتا ، لجيٽيميسي وٺندي آھي .طاقتور ڌريون پنھنجي طاقت جي بقا لاءِ اھڙن عملن لاءِ پسنديدگي ، ساراھ ، جا به انتظام آھن . وڏيرو ته غريب جو استحصال ڪندڙ آھن پر غريب به ترقي ڪري وڏيرو ٿيڻ جي ڪوشش ڪندو آھي . طاقتور قوتون ته پنھنجي لاءِ اھو تاثر ڏينديون آھن ته ھو انصاف پسند آھن ، غريب ، بي پھچ جي تحفظ لاءِ قانون ، جرگا ڪن ٿا. جنھن سان ماڻھن ۾ اھو يقين پيدا ٿئي ته ھو ڪنھن به قسم جي تفريق جو شڪار نه آھن. تنھن ڪري قانون سازي ذريعي اھو بانور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آھي ته قانون ۾ جي نظر سڀ برابر آھن جڏھن ته ھڪ غريب ۽ ھڪ امير قانوني طور برابر نه ٿا ٿي سگھن. اصل برابري وسيلن جي برابري آهي ، سماجي رتبي ، معاشي سگھه جي برابري آھي ، ان کانسواءِ انصاف حاصل ڪرڻ ناممڪن آھي. ساڳئي سماج ۾ جڏھن روزاني جي بنياد تي عورتن کي ائين ئي بيدردي سان قتل ڪيو وڃي ٿو ته ورلي ئي ڪڏھن ايئن ماڻھن جو ھجوم انصاف لاءِ نڪري ٿو ڇاڪاڻ ته سماج جي مروج روايتن  موجب عورت ۽ مرد برابر نه آھن ، مرد کي عورت تي اختيار آھي ساڳي طور طاقت جي ٻئي سطح تي ھڪ وڏيري کي ھڪ ھاري مٿان فوقيت حاصل آهي. ان اڻبرابري جو تحفظ لاءِ پورو نظام جوڙيل آھي . مطلب ته سماجي انصاف کانسواءِ قانوني انصاف ناممڪن آھي. پاڻ واري معاشري ۾ سماجي انصاف لاءِ جاکوڙ توڙي جستجو جو رجحان گھٽ آھي ، نه اھڙي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي ته ڪيئن سماج اندر موجود اڻبرابري ختم ڪرڻ لاءِ جاکوڙ ڪجي. طبقاتي توڙي قومي سياست ڪندڙ ڌرين جو فوڪس رياست ۽ رياستي نظام رھي ٿو ، سندن خيال آھي ته رياستي نظام تبديل ٿيڻ سان سماجي انصاف پاڻ مرادو لاڳو ٿي ويندو. جيڪو پڻ ھڪ بحث طلب موضوع آھي ، پر جيڪڏھن سنڌ جي سماج تي نظر وڌي وڃي ته اھا ڳالھه چٽي ٿئي ٿي ته سماجي انصاف ، جيڪو برابري جي بنياد تي بيٺل آھي ،

ان جو تصور به ھتي موجود نه آھي. وڏيري ۽ ھاري جي وچ ۾ برابري کانسواءِ انصاف ممڪن نه آھي ساڳئي  طرح پدرشاھي سماجي قدرن جي اڌار قائم جنسي اڻبرابري واري نظام ۾ عورت ۽ مرد برابر نه آھن. انصاف مطلب سماجي برابري، ڇاڪاڻ ته انصاف جو تصور فطري نه آھي فطرت ۾ انصاف نه آھي ، اھو انساني ارتقاءَ مان نڪتل انساني سماج جو پھلو آھي. جيڪو سماج بقا لاءِ ضروري آھي ، پر ان انصاف جو بنيادي جز برابري آھي ، ھڪجھڙائي آھي. ائين سماج م رائج عام فھم واري انصاف جي نظريي جي پڻ ڇنڊ ڇاڻ ٿيڻ ضروري آھي. مثلن انھن جي نظر م پڻ انسان جي برابري وارو تصور ناھي يعني جي عورت پنھنجي گھر اندر تشدد وسيلي ماري وڃي ٿي ان جو لاش ڳڀا ڳڀا ڪري اڇلايو وڃي درياهه م لوڙھيو وڃي ان تي سڄي سماج جو ردعمل مختلف اچي ٿو . مطلب سماج ھڪ طاقت جي ننگي استعمال جي اجازت ڏئي ٿو ، ھڪ اڻبرابري کي جائز سمجھي ٿو ته ٻئي طاقت کي اھو اختيار ڏئي ٿو ته ھو پاڻ کان گهڻي سان ساڳيو ورتاءُ ڪري . جڏھن اھو عمل کائنس سماجي رتبي ۾ وڌيڪ طاقتور ماڻھو ڪن ٿا ته ان تي به غصو قتل بجاءِ ان تي وڌيڪ ٿئي ٿو ته ان جو قاتل ڪير آھي.اھو عمل بذات خود قابل مذمت نه آھي پر ان جي نسبت ان کي مذمت جوڳو بنائي ٿي. انڪري انصاف جي گھر ڪندڙ ڌرين کي پڻ سمجھڻو پوندو ته رڳو عدالت تائين پھچائڻ يا ڦاهي جي ڦندي تائين پھچائڻ کان وڌيڪ سماجي انصاف واري ان تصور کي رائج ڪرڻ جي ضرورت آھي جتي طبقاتي ۽ صنفي ،جنسي اڻبرابري خاتمي تائين انصاف جو عمل اڻپورو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.