ڪراچي ۾ بيوٽي پارلر تي سکڻ ويل 3 نارين سان جنسي زيادتي

ڪراچي (رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) عزيز آباد جي ڀنگوريا ڳوٺ ۾ 3 ڇوڪرين کي مبينا طور جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو، پوليس متاثر ڇوڪرين جي والد جي فرياد تي جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي، متاثر ڇوڪرين ۾ 2 سڳيون ڀينرون ۽ هڪ سندن سئوٽ شامل آهي، جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻيل نارين جي عمر 15 کان کان 18 سال آهي، متاثر ڇوڪرين جي والد جو چوڻ آهي ته منهنجون نياڻيون 2 نومبر تي بيوٽي پارلر جو ڪم سکڻ ويون هيون ڪافي دير تائين واپس نه ٿيون ته مان بيوٽي پارلر ويس اتي خبر پئي ته ڇوڪريون بيوٽي پارلر نه آيون آهن ٻئي ڏينهن تي ٽئي ڇوڪريون رڪشي ۾ بيهوش واري حالت ۾ گهر پهتيون، پوليس کي والد پاران ڏنل بيان مطابق سندس هڪ ناري پوليس کي ٻڌايو ته ڀنگوريا ڳوٺ مان هڪ شخص انهن کي گاڏي ۾ ويهاري هڪ فليٽ تي کڻي ويو جتي 4 ڇوڪرا موجود هئا، انهن 4 جوابدارن کين نشي وارو شربت پياري جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو، پوليس جو چوڻ آهي ته ميڊيڪل لاءِ سيمپل موڪليا ويا آهن، جڏهن ته ايس ايس پي انويسٽيگيشن سينٽرل جو چوڻ آهي ته ڪيس جي ٽيڪنيڪل بنيادن تي تحقيقات ڪئي پئي وڃي پر متاثر خاندان طرفان پوليس تعاون نه پيو ڪيو وڃي جنهن جي ڪري جاچ ۾ ڏکيائي پيش اچي رهي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.