جهڙي تهڙي کنڊ عوام کي 90 رپيا في ڪلو ته ملي رهي آهي: ترجمان ناڻي وزارت

ڪراچي( رپورٽر) ناڻي واري وزارت جَي ترجمان مزمل اسلم  چيو آهي ته کنڊ ڪهڙي به آهي عوام کي 90 رپيا في ڪلو ملي رهي آهي، حڪومت وٽ کنڊ جو 22 ڏينهن جو ذخيرو موجود آهي. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ناڻي واري وزارت جي ترجمان مزمل اسلم چيو ته وفاقي حڪومت بهترين منصوبابندي سان کنڊ گهرائي، حڪومت وٽ هن وقت هڪ لک ٽن کان وڌيڪ کنڊ ذخيرو آهي، حڪومت وٽ کنڊ جو 22 ڏينهن جو ذخيرو موجود آهي. ناڻي واري وزارت جي ترجمان  چيو ته ،  پنجاب ۾ 15 نومبر کان شگر ملز پيڙائي شروع ڪنديون، سنڌ ۾ اڃا تائين شگر ملز چمنيون ناهن ٻاريون . سنڌ حڪومت نه پاڻ ڪارخانا کولرائي ٿي نه وفاقي حڪومت کان مدد گهري ٿي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.