وفاق کي ڪالعدم ٽي ايل پي تان پابندي جلد ختم ڪرڻ جي سفارش

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪالعدم تنظيم ۽ حڪومت وچ ۾ معاهدي تي عمل جي حوالي سان ٺاهيل اسٽيئرنگ ڪميٽي وفاق کي ڪالعدم تحريڪ لبيڪ تان پابندي ختم ڪرڻ جو عمل جلد مڪمل ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي.

ذريعن موجب ڪالعدم تحريڪ لبيڪ ۽ حڪومت وچ ۾ معاهدي تي عمل جي حوالي سان اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو.

پنجاب جي قانون واري وزير راجا بشارت معاهدي تي عملدرآمد جي رپورٽ پيش ڪئي ۽ ٻڌايو ته ڪالعدم تنظيم جي 2100 ڪارڪنن کي آزاد ڪيو ويو آهي پر جن ڪارڪنن خلاف ڪيس آهن، اهي عدالتن سان رابطو ڪندا ۽ پنجاب حڪومت انهن لاءِ به نرم رويو اختيار ڪندي.

ذريعن موجب راجا بشارت جو چوڻ هو ته باقي 42 ڄڻن جا نالا به فورٿ شيڊيول مان ڪڍيا ويندا، جڏهن ته ڪالعدم تحريڪ لبيڪ تان پابندي هٽائڻ لاءِ وفاقي ڪابينا کي اڄ سمري موڪلي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.