سنڌ آبادگار اتحاد پاران 15 نومبر تائين شگرملون نه هلائڻ جي صورت ۾ تحريڪ جو اعلان

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ آبادگار اتحاد 15 نومبر تائين شگر ملون نه هلائڻ جي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته آڪٽوبر ۾ ڪريشنگ سيزن باوجود شگر ملون نه هلائڻ سبب ڪڻڪ جي پوکي سخت متاثر ٿيندي، ڪڻڪ جي بحران سبب سنڌ سميت ملڪ ۾ اٽي جي قيمت 80 رپيا ڪلو تائين پهچي وئي آهي،ڪڻڪ جي وقت تي پوکي نه ڪئي وئي ته ايندڙ سال اٽي جا اگھ اڃا به وڌي ويندا، 15 نومبر تائين شگر ملون نه هلايون ويون ته احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي، پنجاب حڪومت پاران جلال پور ڪينال تعمير ڪرڻ خلاف سنڌ حڪومت اڳيان اچي، اهو منصوبو سنڌ دشمن آهي، سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ وڌي ويندي. اهڙو اظهار سنڌ آبادگار اتحاد جي اجلاس ۾ ڪيو ويو، اجلاس جي صدارت مرڪزي صدر نواب زبير ٽالپر ڪئي، جڏهن ته مير ظفر الله ٽالپر، محمد جاويد رياڙ، عبدالرحيم درس، حاجي سجاد، شريف نظاماڻي، حاجي محمد خان ۽ ٻيا شريڪ ٿيا، اجلاس ۾ چيو ويو ته سنڌ ۾ پهرين آڪٽوبر کان ڪريشنگ جي مد آهي پر اڃا تائين هڪ به شگر مل نه هلائي وئي آهي، شگر ملون نه هلڻ سبب ڪڻڪ جي پوکي متاثر ٿي رهي، ڪڻڪ جي وقت سر پوکي نه ٿي ته هلندڙ سال اٽو 80 رپيا ڪلو تائين پهتو آهي، ايندڙ سال اٽي جا اگھ اڃا به وڌي ويندا، اجلاس ۾ سنڌ ڪابينا پاران ڪمند جو مقرر ڪيل 250 في مڻ اگھ رد ڪندي 300 رپيا في مڻ ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو ويو ته گذريل سال کنڊ 80 رپيا في ڪلو هئي هلندڙ سال 125 رپيا ڪلو ٿي وئي آهي ان حساب سان ڪمند جو اگھ 300 رپيا في مڻ مقرر ڪيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.