حيدرآباد: فصلن جا مقرر اگھه نه ملڻ، ناجائز ڪٽوتين ۽ واپارين جي هڪ هٽي خلاف مظاهرو

حيدرآباد ۾ آل ٿر ليبر ۽ ورڪرز اتحاد جي سڏ تي فصلن جو مقرر اگهه نه ملڻ، ناجائز ڪٽوتين ۽ واپارين جي هڪ هٽي خلاف ٿر جي سوين مزدورن، شاگردن، وڪيلن پاران پريس ڪلب آڏو  اڪرم سميجو، منظور نهڙيو، مبين مڱريو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعري بازي ڪئي وئي.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ٿر ۾ واپارين جي هڪ هٽي قائم آهي ٿر جا واپاري فصلن جو مقرر سرڪاري اگهه ڏيڻ بدران پنهنجي مقرر ڪيل اگهه تي ساريون، ڪڻڪ توڙي ٻيو فصل خريد ڪري آبادگارن، هارين، ۽ مزدورن کي ٻنهي هٿن سان ڦري رهيان آهن.

هنن چيو ته واپرين جي من ماني سبب مزدورن جي مزدوري، آباگارن جو خرچ به نٿو نڪري جنهن سبب غريب پورهيت طبقو قرضن ۾ ڦاسندو پيو وڃي.

احتجاج ڪندڙن چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي سبب پورهيت طبقو هڪ ويلي جي ماني لاءِ به پريشان آهي سپريم ڪورٽ ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، وڏي وزير ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کي اپيل آهي ته ٿر ۾ واپارين جي من پسند اگهه تي فصلن جي خريداري جو نوٽس وٺي مقرر ڪيل سرڪاري اگهه ڏياريا وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.