لنڊن ۾ منهنجي ڪا ڳالهه ٻولهه نه ٿي: جهانگير ترين

 

ملتان (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ جهانگير ترين چيو آهي ته منهنجي لنڊن ۾ ڪنهن به قسم جي ڳالهه ٻولهه ناهي ٿي.

ملتان ۾ صحافين سان ڳالهائيندي جهانگير ترين چيو ته ڪو سياسي منظرنامو تبديل نه پيو ٿئي، ڏکڻ پنجاب صوبو خطي جي ضرورت آهي، اسان کي ايندڙ ڀيري وڏو مينڊيٽ مليو ته صوبي جو مسئلو حل ٿي ويندو.

هن چيو ته ڏکڻ پنجاب جي مسئلن جو مستقل حل اهو آهي ته ان کي الڳ صوبو بڻايو وڃي ۽ اختيار سرائيڪي عوام حوالي ڪيا وڃن، ڏکڻ پنجاب ان ڪري پوئتي رهجي ويو، ڇو ته اڳوڻين حڪومتن عوام جو خيال نه رکيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.