ملڪ ۾ اڄ به سون هزارين رپيا سستو ٿي ويو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ اڄ به سون جي قيمت ۾ وڏي گهٽتائي اچي وئي.

ملڪ ۾ مسلسل واڌ کانپوءِ گذريل ڏينهن في تولو سون7 هزار 800 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 24 هزار 200 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته اڄ پڻ سون جي اگهه ۾ وڏي لاٿ سامهون آئي آهي.

سنڌ سونارا بازار ايسوسيئيشن موجب في تولي سون جي قيمت ۾ اڄ 3550 رپين جي گهٽتائي ٿي آهي ۽ ان جي قيمت هڪ لک 20 هزار 650 رپيا ٿي وئي آهي.

اهڙي ريت 10 گرام سون 3043 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 103438 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 13 ڊالر گهٽجي 1802 ڊالر في اونس ٿي ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.