ڪالعدم تنظيم کي منهن ڏيڻ لاءِ رينجرز جي اختيارن ۽ ڪارروائي جو طريقي ڪار طئي

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت ڪالعدم تنظيم جو مارچ کي روڪڻ لاءِ رينجرز جي اختيارن ۽ ڪارروائي جو طريقي ڪار طئي ڪري ڇڏيو.

ذريعن موجب پنجاب حڪومت ڪالعدم تنظيم جي ريلي کي روڪڻ لاءِ رينجرز جي اختيارن ۽ ڪارروائي جو طريقي ڪار طئي ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تحت پوليس ۽ رينجرز وٽ دهشتگردي ٽوڙ اختيار هوندا، پوليس کي رينجرز جي هدايتن موجب ڪم ڪرڻو پوندو، رينجرز ۽ پوليس کي گهٽ کان گهٽ هٿيار استعمال ڪرڻ جي اجازت هوندي ۽ حملي جي صورت ۾ مقامي ڪمانڊر هٿيار استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏئي سگهي ٿو.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن حڪومت ڪالعدم تنظيم سان عسڪريت پسندن جيان منهن ڏيڻ جو فيصلو ڪيو هو ۽ سڄي پنجاب ۾ ٻن مهينن لاءِ رينجرز به مقرر ڪئي وئي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.