ٽنڊو محمد خان:پگهارن کان محروم ٽائون ڪميٽي جي ملازمن جو احتجاج جاري

ٽنڊوغلام حيدر ٽائون جي ملازمن کي ٽن مهينن کان پگهار نه ملڻ خلاف ملازمن جو احتجاج جاري آهي،  ملازم ٽن مهينن جي پگهارن کان محروم بڻجي ويڳاڻپ ۽ دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي ويا، جڏهن ته ٽائون ڪميٽي جي پراڻي ملازم سنڌ لاڙ جي اديب شاعر اورنگزيب ڀٽي،ايس ٽي پي جي اڳواڻن پاران يڪجهتي طور ڪئمپ تي پهچي صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته گذريل هڪ مهيني کان ملازم پگهارن لاءِ سراپا احتجاج بڻيل آهن پر سنڌ سرڪار توڙي هتان جا ڪامورا نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ناهن ، هنن چيو ته ٽائون ملازم وانا يا وزيرستان جا ناهن تعلقي جا لوڪل ملازم پنهنجي جائز پگهارن لاءِ هڪ مهيني کان دانهون ڪندي ٿڪجي پيا آهن ،هنن سنڌ سرڪار کان پرزور مطالبو ڪيو ته پگهارون جاري ڪري سندن زندگيون بچايون وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.