اداڪارا آمنا الياس کي غريب پر ڊگهي قد وارو ڇوڪرو پسند

لاهور (ويب ڊيسڪ)شوبز انڊسٽري سان سلهاڙيل شخصيتون هر حوالي سان خبرن ۾رهنديون آهن، انهن جي ننڍي کان ننڍي ڳالهه يا ڪا وڏي ڳالهه پر خبرن جي زينت بڻبي رهندي آهي ۽ سوشل ميڊيا واهپيدار انهن بابت وڻندڙ ۽ دلچسپ تبصرا به ڪندا آهن.

ٽي وي پروگرامن سدائين شوبز ستارن کان دلچسپ ۽ عجيب سوال پڇيا ويندا آهن ۽ انهن جي جواب ۾ ڏکين آپشنز مان ڪنهن به هڪ جي چونڊ ڪرڻي هوندي آهي.

گذريل ڏينهن ماڊل ۽ اداڪارا آمنا الياس به هڪ ٽي وي شو ۾ اهڙي صورتحال سان منهن ڏنو جتي کانئس ڊگهي قد جي ڇوڪرن ۽ ننڍي قد جي ڇوڪرين جي حوالي سان راءِ جي گهر ڪئي وئي.

شو دوران ميزبان اداڪارا آمنا الياس کان سوال ڪيو ته ڇا توهان ننڍي قد واري ڇوڪرين کي ڏسي کلندا آهيو؟ يا انهن کي چوندا آهيو ته ڪا ڳالهه ناهي هڪ ڏينهن تون به ڊگهي ٿي ويندين؟

جنهن جي جواب ۾ اداڪارا چيو ته مان اهڙي ڇوڪرين کي ڏسي کلڻ شروع ڪندي آهيان، ان جو سبب ڪا ٽوڪ يا نسل پرستي ناهي پر مونکي اهڙيون ڇوڪريون گهڻيون وڻنديون آهن انڪري مان ائين ڪندي آهيان.

ميزبان اداڪارا کان اهو به سوال ڪيو ته امير ڇوڪرو هجي ۽ ننڍي قد جو هجي يا غريب ڇوڪرو هجي ۽ وڏي قد جو هجي؟، توهان ڪنهن جي چونڊ ڪندا؟

اداڪارا پنهنجي جواب ۾ چيو ته ڊگهي قد واري کي اهميت ڏني ۽ چيو ته ڇوڪرو ڀلي غريب هجي پر ڊگهي قد جو هجڻ گهرجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.