پاڪستان ڄائي آمريڪي جي سون واري ٻيڙي وڪري لاءِ پيش

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۾ سپر لگزري سهولتن واري ٻيڙي ”قسمت“ وڪري جي لاءِ پيش ڪئي وئي آهي.

سون جي چٽسالي سان خوبصورت بڻايل ٻيڙي ۾ هيلي پيڊ، نائٽ ڪلب، بيوٽي سيلون، مساج سينٽرز، سوئمنگ پول، باسڪٽ بال ڪورٽ، ڇهه بيڊ روم ۽ ڇت کان فرش تائين سينيما سائز جو ٽي وي موجود آهي.

پاڪستاني ڄائي آمريڪي بزنس مين جي ان 308 فٽ ڊگهي ٻيڙي جهڙي جهاز جي قيمت 142.6 ملين پائونڊ آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.