قرآن پاڪ پڙهائيندي عورت استاد دل جو دورو پوڻ سبب فوت

ٻارن کي ڪلاس ۾ قرآن پاڪ جي تعليم ڏيندي عورت اسڪول ٽيچر دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري وئي.

عرب ميڊيا موجب سعودي عرب جي شهر رياض جي هڪ اسڪول ۾ عورت ٽيچر ٽئين درجي جي ٻارن کي قرآن پاڪ جي تعليم ڏئي رهي هئي ته اوچتو ڪلاس روم ۾ ئي ڪري پئي.

ميڊيا رپورٽن موجب ٻارن فوري طور تي اسڪول جي پرنسيپال کي ٻڌايو، پرنسيپال ۽ ٻين استادن فوري طور تي عورت استاد کي طبي امداد ڏيڻ سان گڏ ايمبولينس گهرائي اسپتال منتقل ڪيو پر هوءَ بچي نه سگهي.

عورت استاد جي پيءُ ميڊيا کي ٻڌايو ته پرنسيپال ۽ استادن منهنجي ڌيءَ کي فوري طور تي اسپتال پهچايو پر هو بچي نه سگهي.

ٻارن کي قرآن پاڪ پڙهائڻ دوران فوت ٿيل استادياڻي جي پيءُ الله پاڪ شڪر ادا ڪندي چيو ته فوت ٿيڻ وقت ڌيءَ روزي جي حالت ۾ هئي، هوءَ هر خميس ۽ سومر تي روزو رکندي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.