ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ دفاعي چيمپيئن ويسٽ انڊيز کي پهرين ئي ميچ ۾ بدترين شڪست

 

دبئي (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي سپر 12 مرحلي جي ٻي ميچ ۾ انگلش ٽيم دفاعي چيمپيئن ويسٽ انڊيز کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.

دبئي ۾ کيڏيل ميچ ۾ انگلينڊ جي ٽيم ٽاس کٽي اڳ ۾ بالنگ جو فيصلو ڪيو، جيڪو درست ثابت ٿيو ۽ ويسٽ انڊين ٽيم 14.2 اوورن ۾ رڳو 55 رنسن تي ڍير ٿي وئي.

ويسٽ انڊيز طرفان ڪرس گيل 13 رنسن سان ٽاپ اسڪورر رهيو، ٻين رانديگرن مان ڪو ڊبل فگر ۾ به نه پهتو.

انگلينڊ طرفان عادل رشيد 4 وڪيٽون وٺي سڀ کان ڪامياب بالر رهيو.

جواب ۾ انگلينڊ گهربل هدف 8.2 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.

انگلش ٽيم طرفان جوز بٽلر 24 رنسن جي اننگز کيڏي ناٽ آئوٽ رهيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.