ڪڙيو گهنور ۾ چائنا جي ٻج ڪمپني لونگ پنگ گارڊ پاران سيمينار، سوين آبادگار شريڪ

ڪڙيو گهنور ۾ چائنا جي ٻج  ڪمپني لونگ پنگ گارڊ پاران سيمينار ڪوٺايو ويو ،  تعلقي گولاڙچي جي مختلف شهرن ۽ علائقن جي سوين آبادگارن ۽ هارين شرڪت ڪئي،ڪمپني جي نمائندن سيمينار ۾ شرڪت ڪندڙ آبادگارن کي سارين، جي پوکيل ٻج ۽ جنسن جو معائنو ڪرايو ۽ ٻج متعلق  ڄاڻ مهيا ڪئي ،سيمينار دوران  هڪ قرعه اندازي ڪئي وئي، جنهن ۾ ٻن موٽر سائيڪلن سميت ٻيا انعام ڏنا ويا.  سيمينار کي پاڪستان لاء مقرر ٿيل ڪمپني جي ملڪي سربراهه مسٽر ليو ۽ ڪمپني جي، جي ايم محمد رضوان خطاب ڪندي چيو ته هو پوري دنيا ۾ ٻج فراهم ڪري رهيا آهن سندن ڪمپني دنيا ۾ پهرين نمبر تي آهي،  هنن چيو ته سندن ڪمپني جو ٻج ايل پي 26 هڪ بهترين ٻج آهي،  هن چيو ته زرعي دنيا ۾ انيڪ جنسن جون ڪمپنيون ڪم ڪري رهيون آهن پر گارڊ جو معيار سڀني کان بهتر آهي سيمينار کي آبادگار اڳواڻ سيد دائود شاهه، غلام مصطفا مينهون، ستار نظاماڻي، سيد سلمان شاهه ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته پوک لاءِ ضروري آهي ته گهربل ضرورتن جو خيال ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.