ايف آءِ اي جي ڪارروائي، چائلڊ پورنو گرافي سميت ٻين ڏوهن ۾ ملوث 6 ڄڻا گرفتار

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايف آءِ اي سائبر سرڪل ڪراچي ۽ سکر ۾ ڪارروائيون ڪندي چائلڊ پورنوگرافي ۾ ملوث چئن جوابدارن ۽ عورت سميت 6 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو.

ايف آءِ اي سائبر سرڪل پهرين ڪارروائي ۾ سکر ۾ چائلڊ پورنوگرافي ۾ ملوث چئن جوابدارن کي گرفتار ڪيو.

ايڊيشنل ڊائريڪٽر سائبر سرڪل عمران رياض موجب جوابدارن ننڍي عمر جي ٻار کي زيادتي جو نشانو بڻايو هو، ان واردات ۾ مقامي گلوڪار کي ڦاسائڻ جي نيب سان ٻار سان زيادتي جي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪئي وئي.

گرفتار جوابدار ۾ محمد قاسم، هيبت خان، شاهد حسين ۽ فراز شيخ شامل آهن، انهن جي قبضي مان واردات ۾ استعمال ٿيندڙ موبائلون به هٿ ڪيون ويون، جن کي فرانزڪ لاءِ موڪليو ويو آهي.

هوڏانهن ايف آءِ اي ڪراچي مان عورت سميت ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، ٻئي پاڻ ۾ ڀاءُ ڀيڻ آهن.

ايف آءِ اي موجب جوابدار آدرش بخاري پنهنجي ننڍي عمر جي گهرواري تي تشدد ڪري ويڊيو ٺاهيندو هو، جوابدار پنهنجي ڀيڻ دانيه سان گڏجي متاثر عورت تي تشدد جي ويڊيو وائرل ڪئي هئي ۽ کيس بليڪ ميل ڪري رهيا هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.