ڪالعدم تنظيم جو احتجاج، پنجاب جي ڪيترن ئي شهرن ۾ انٽرنيٽ سروس بند

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) ڪالعدم تنظيم جي احتجاج سبب پنجاب جي ڪيترن ئي شهرن ۾ انٽرنيٽ سروس معطل ڪئي وئي آهي.

صوبائي گهرو کاتي موجب شيخوپورا، گوجرانوالا ۽ گجرات ۾ انٽرنيٽ سروس ايندڙ حڪم تائين معطل رهندي.

ان کانسواءِ ڪالا شاهه ڪاڪو، مريدڪي، ڪامونڪي، گوجرانوالا، وزيرآباد ۾ به انٽرنيٽ سروس کي بند ڪيو ويو آهي.

گهرو کاتي جو چوڻ آهي ته ريلي جنهن جنهن ضلعي مان گذرندي، اتي انٽرنيٽ سروس معطل ڪئي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.