گئس پيٽرول مهانگي ڪرڻ سان غريبن تي اثر پوي ٿو: معظم عباسي

لاڙڪاڻو  ( ڊ ر ) لاڙڪاڻي مان چونڊيل ايم پي اي معظم علي عباسي چيو آهي ته گئس ۽ پئٽرول وفاقي حڪومت مهانگا ڪري ڇڏيا آهن جنهن جو اثر عام غريب ماڻهوءَ تي پئجي رهيو آهي پر اٽو، کنڊ ۽ ٻيون عام واهپي جي قيمتن تي ضابطو آڻڻ سنڌ حڪومت جو ڪم آهي سنڌ حڪومت مهانگيون شيون وڪرو ڪندڙ واپارين خلاف ڪاروائي لاءِ تيار ناهي جنهن ڪري غريب عوام ٻن ويلن جي ماني ڳڀي لاءِ به پريشان آهي. اهڙو اظهار هن ڪالهه پنهنجي رهائشگاهه تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته وفاقي حڪومت جي معاشي ٽيم معيشت جي ٻڏندڙ ٻيڙي کي بچائي نه سگهي آهي جنهن ڪري ملڪي حالتون انتهائي ڳنڀير ٿي ويون آهن جيڪڏهن عمران خان کي ملڪ ۾ سياست ڪرڻي آهي ته کيس عوام کي رليف فراهم ڪرڻ ۽ معيشت کي بهتر بڻائڻ لاءِ اثرائتا قدم کڻي. هن چيو ته 13 سالن جي دور حڪومت ۾ به پيپلز پارٽي جي سنڌ سرڪار لاڙڪاڻي ۾ ڊرينيج سسٽم ۽ روڊ رستا تعمير نه ڪرائي سگهي آهي جنهن ڪري لاڙڪاڻو شهر اڃان تائين بهتر نه ٿي سگهيو آهي. هن چيو ته شهر جي گهٽين ۽ رستن تي گندڪچري جا ڍير پيل آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.