اڏيري لال ۾ ڳوٺاڻن جو بااثرن خلاف مظاهرو

اڏيرولال (ن ع آ) اڏيرولال اسٽيشن لڳ ڳوٺ علي محمد ڏيٿو جي شاگردن رجب علي ڏيٿو، علي محمد ڏيٿو، يوسف ڏيٿو ۽ رضوان ڏيٿو جو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو، هنن احتجاج ڪندي چيو ته ڳوٺ جي بااثر وڏيرن عثمان ڏيٿو، علي بخش ڏيٿو، وڏيرو خدا بخش ڏيٿو، لال محمد ڏيٿو رستو بند ڪري ڇڏيو آهي جنهن ڪري اسان اسڪول نه ٿا وڃي سگهون ۽ اسان جي تعليم تباھ ٿي رهي آهي، هنن چيو ته اسان اهڙي شڪايت اختيارين کي ڪافي ڀيرا ڪڙي چڪا آهيون، هنن چيو ته اسان جي زرعي زمين تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا جنهن ڪري اسان جو لنگهه به بند ڪيو ويو آهي، ھنن چيو ته بااٽر وڏيرا نٿا چاهين ته اسان تعليم حاصل ڪري سگهون، هنن چيو ته اسان ڪافي مهينن کان گهرن ۾ قيد آھيون،هنن الزام هڻندي اهو به چيو ته بااثر وڏيرن جي ماڻهن اسان جو رستو بند ڪري ڇڏيو آهي اسان اسڪول لاءِ وڃون ٿا ته هٿياربند رستو جهليو ويٺا آهن. جنهنڪري اسان جا والدين خوف سبب اسان کي اسڪول نٿا ڇڏين. هنن مطالبو ڪيو ته بااثرن کان رستي تان قبضو ڇڏرائي اسان کي تعليم پرائڻ جو حق ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.