ٿر ۾ آر او پلانٽ آپريٽرن سان وري زيادتي، پگهار مان ڪٽوتي

مٺي(رپورٽ:غازي بجير) ٿرپارڪر ضلعي ۾ سنڌ حڪومت پاران لڳايل ساڍا ست سئو آر او پلانٽ تي ڪم ڪندڙ آپريٽرن ۽ ملازمن کي پنج مهينن کان پگهارون ملي ناهن سگهيون،سنڌ حڪومت پاران پبلڪ هيلٿ کاتي جي سمورن ملازمن کي ماهوار 25 هزار پگهار ڏيڻ واري حُڪمن کي اوسلو ڪمپني وارن ٿُڏي ڇڏيو آهي،اوسلو ڪمپني ملازمن کي 25 هزار ماهوار پگهار ڏيڻ بدران صرف هڪ مهيني جا 12 هزار ڏيئي ٽن مهينن جي پگهار ملڻ جو زوري قسم نامون لکرائڻ تي زور ڀري رهي آهي ۽ ملازمن کان قسم نامون لکرائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، آپريٽرن عرفان بجير ۽ ٻين ٻُڌايو آهي ته سنڌ حڪومت پبلڪ هيلٿ کاتي جي ملازمن کي 25 هزار ماهوار پگهار ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي پر اوسلو ڪمپني وارا 25 هزارن بدارن رُڳو هڪ مهيني جا 12 هزار ڏيئي قسم نامي تي 3 مهينن جي پگهار لکرائي رهيا آهن،اوسلو ڪمپني وارا ڌاٻي ۽ پريشر عيوض ملازمن کي ڌمڪائي رهيا آهن،هن چيو ته اسان ايم پي اي سريندر ولاسائي کي اهڙي شڪايت ڪئي آهي جنهن اوسلو ڪمپني جي عملدار صفدر کي فون ڪري گهٽ پگهارون روڪڻ جي هدايت ڪئي پر هُو ڪنهن جي به نه ٿا ٻُڌن،پگهار نه کڻندڙ ملازمن کي نوڪرين مان فارغ ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن،اسان جون پنجن مهينن کان رهيل پگهارون ناهن مليون،هن چيو ته اسين اوسلو ڪمپني جي ڏاڍ خلاف 25 تاريخ تي مٺي ۾ تاريخي ڌرڻو هڻنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.