پلاسٽڪ جا ٿانوَ استعمال ڪندڙ ڌيان ڏين!

رنگ برنگي وزن ۾ هلڪا ۽ گهٽ قيمت وارا پلاسٽ جا ٿانوَ اڄڪلهه هر مارڪيٽ ۾ سولائي سان ملي سگهن ٿا انهن ٿانوَن جو استعمال ايترو ته وڌي ويو آهي جو اڄڪلهه هر هنڌ انهن ٿانوَن ۾ ئي کاڌو کائڻ جو رواج پئجي ويو آهي خاص ڪري ننڍن هوٽلن تي انهن ئي ٿانوَن ۾ کاڌو ڏنو ويندو آهي.

ماهرن چيو آهي ته پلاسٽڪ زمين جي لاءِ به خطرناڪ ترين شيءِ آهي ۽ ان جي لاءِ پلاسٽڪ جا ٿانوَ انساني جسم جي لاءِ به اوترائي خطرناڪ آهن، پلاسٽڪ جي ٿانوَن ۾ ماني کائڻ جو اهو مطلب آهي ته پلاسٽڪ جا اهي ذرا جيڪي کاڌي سان اسان جي پيٽ ۾ وڃڻ ٿا انهن کي پنهنجي پيٽ ۾ ڀرڻ.

پولي مرز مادن ۾ تيار ٿيل پلاسٽڪ کي ڪنهن به رنگ ۽ صورت ۾ آڻي سگهجي ٿو، مختصر اهو ته پلاسٽڪ ڪيترن ئي ڪيميڪلز سان ٺهندو آهي جنهن ۾ بسفينال اي، بي پي اي نالي هڪ مادو موجود هوندو آهي.

پلاسٽڪ جي ڪا به شيءِ اوچتو نقصان پهچائيندي آهي ان جو لڳاتار استعمال انساني صحت جي لاءِ خطرناڪ حدن تائين نقصانڪار آهي، پلاسٽڪ جا ٿانوَ ڪنهن به صورت ۾ استعمال ڪرڻ جوڳا ناهن.

گرم ٿيڻ سان پلاسٽڪ جا ذرا اسان جي جسم ۾ هليا ويندا آهن، جيڪو عمل سلو پوائزننگ جو هڪ طريقو آهي جيڪو ڪينسر سميت مختلف خطرناڪ بيمارين جي صورت ۾ پنهنجو اثر ڏيکاريندو آهي.

بسفينال اي تمام خطرناڪ مادو آهي، ان مان ڪيترين ئي بيمارين جو خدشو ٿيندو آهي، جهڙوڪ دل جي بيمارين، بريسٽ ڪينسر، معدي جي آڻد جي ڪينسر وغيره شامل آهن.

ٻئي پاسي صحت جي عالمي اداري جو چوڻ آهي ته هر بالغ شخص سالياني پلاسٽڪ جا 50 هزار ذرا ڳهندو آهي، پلاسٽڪ زمين کي ڪچري جي ڍير ۾ بدلڻ کانپوءِ هاڻي اسان جي جسم جو رستو به بڻائي چڪو آهي.

پلاسٽڪ انساني صحت جي لاءِ ڪنهن به صورت ۾ فائديمند ناهي، پلاسٽڪ جا ننڍا ننڍا نظر نه ايندڙ ذرا پلاسٽڪ کي اسان جي هٿ لاهڻ سان به اسان جي پيٽ ۾ هليا ويندا آهن.

پنهنجي زندگي مان پلاسٽڪ جو استعمال ختم ڪيو پاڻ کي خطرناڪ بيمارين کان محفوظ بڻايو.

اهو به ڌيان رهي ته مختلف جوسز ۾ استعمال ٿيندڙ اسٽرا، (نلڪي)، ڊسپوز ايبل گلاس ۽ ڪيترائي چمچا به پلاسٽڪ جا ٺهيل هوندا آهن جيڪي انساني صحت لاءِ وڏا خطرناڪ آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.